گوگل پنھنجي ترجميڪاري سرشتي ۾ پاڪستان جون ٻه انتھائي اھم ٻوليون پنجابي (شاھمکي) ۽ بلوچي ٻولي شامل ڪري ڇڏيون آھن، ان سان گڏ مارواڙي پڻ ان ترجميڪاريءَ واري پروگرام ۾ جڳھه وٺي وئي آھي. جيڪا انتھائي ڀلي ڳالهه آھي. ان کان سواءِ گوگل سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور مصنوعي ذھانت واري سرشتي ”جهجهي ٻوليائي سانچي“ (PaLM 2 Large Language Model)  ۾ داخل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي مدد سان ھاڻي سنڌي ٻولي ترجميڪار سرشتي ۾ ٽائيپ ڪرڻ سان اڳڪٿ ٻول پڻ اچي سگهندا، جن سان سنڌي صورتخطيءَ جون چڪون پڻ اڳتي ھلي سڌرنديون. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جا اکر لکجڻ سان ترت ھيٺ ان ئي باڪس ۾ ترجمو اچڻ شروع ٿي ويندو.

بس مون کي انتظار آھي ان ڏينھن جو جڏھن ڪرائوڊ سورس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جو ڊونيشن ماڊيول کلي. (جنھن لاءِ ايشيائي ٻولين لاءِ پروگرام آفيسر مس ماڌوريما سان مسلسل لھه وچڙ ھلي رھي آھي). ھي ماڊيول جلد کلڻ وارو آھي جنھن سان اوھان پنھنجي پنھنجي علائقي آڌار لهجا رڪارڊ ڪندا ويندا.

پڪ آھي ته ايندڙ ڪجهه ئي مھينن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھڪ اڃا وڏي خبر اچي ويندي، جنھن لاءِ تجسس برقرار رھي ته ڀلو!… (فيس بوڪ تان ورتل)