سنڌي غزل جو سھڻو شاعر محسن ڪڪڙائي

0
255
سنڌي غزل جو سھڻو شاعر محسن ڪڪڙائي

 سنڌي شاعريءَ جي ڦلن ڇانئينءَ واٽ ڏي نھاريندي جڏھن آئون سائين مُحسن ڪَڪڙائيءَ جي شاعريءَ ڏانھن پنھنجي نماڻي نھار ڪريان ٿو، تڏھن منھنجا نيڻ مھڪي پون ٿا. آئون سندس شاعريءَ جي ڪتابن “سُونھَن جي ساڃَھه” ۽“ڪنھَن جي ماٺِ مَيار” کي پڙھندي وقت عجيب قِسِمَ جي فرحت ۽ تازگي محسوس ڪندو آھيان. محسن سنڌي ٻوليءَ جو اھو سرموڙ شاعر آھي، جنھن جي سموري شاعري سونھن جي ساڃھه جو روپ آھي. محسن ھونئن ته سنڌي شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروجه صنفن غزل، نظم، آزاد نظم، ڪافي، وائي، گيت، دوھي، ماھئي، فرد، ھائيڪي/ ٽيڙو، چوسٽي ۽ رباعي تي طبع آزمائي ڪئي آھي پر سندس غزل سنڌي شاعريءَ۾ پنھنجي انفرادي سونھن ۽ سڳنڌ جو ساکي آھي.  جنھن کي پڙھي سندس احساسن ۽ اڌمن جي تخيلاتي اڏار جا جلوا پسي سگهجن ٿا. محسن جي غزل جو رومانوي رنگ ڪمال جو آھي. جيئن:

روح محسن جي ھر غزل جو فقط،

حور ھوندي ڪا بربلي ھوندي.

نه رڳو محسن جو غزل جمالياتي ۽ رومانوي رنگ سان رنگيل آھي پر سندس غزل فڪري طور تي به مٿانھين حيثيت رکي ٿو، جيئن:

ھن کي ماڻهو ٿا بادشاھه چون،

بودلو آ چٿر نه ٿو سمجهي.

يا:

جو به ڪنھن سان ڪڏھن نه چاھه ڪري،

سو ڀلي پيو ڍڳن جو گاھه ڪري.

محسن جي شاعري ۾ سماجي درد جو اظھار وڏي شدت سان ٿيل آھي، جيئن:

ڪو جو ڪالھه رنو

منھنجا ڳچ ڳري پيا!

ان ئي انداز ۾ ڀٽائيءَ چيو ھو ته:

”پاڙيچيءَ روئي منھنجو جيءُ جڏو ڪيو.“

ڪنھن جي روئڻ تي، ڳچ ڳرڻ، انسان دوستيءَ جو، انساني ھمدرديءَ جو وڏي ۾ وڏو پيغام آھي.

محسن ڪڪڙائي ھڪ مومن ماڻھو ھو، جنھن پنھنجي نظم Self Protrait ۾ لکيو ھو ته:

”مان ھڪ مومن ماڻهو آھيان،

پئسي  جو  پوڄاري  ناھيان،

دنياداريءَ جي کٽ پٽ جو،

حامي ۽ ساٿاري ناھيان،

مان ھڪ مومن ماڻهو آھيان.“

ھي مومن ماڻهو پنھنجي ذات ۽ ڏات ۾ ھڪ انجمن ۽ ھڪ ادارو ھو. آءُ سندس شخصي تعارف ڪرائيندو ھلان ته محسن ڪڪڙائيءَ جو اصل نالو سيد نياز علي شاھه ولد سيد احمد شاھ تراب لڪياري آھي. سندس جنم 4 جولائي 1937ع ۾ ڪڪڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاھه ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم ھئي. پيشي جي لحاظ کان درس تدريس جي مھذب پيشي سان لاڳاپيل ھاءِ اسڪول ٽيچر ھو. محسن ڪڪڙائيءَ 1951ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ھن شاعريءَ جي سکيا حافظ احسن چنا ۽ احمد خان آصف مصراڻي کان حاصل ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾( امنگون (شاعري) ليليٰ جا خط (خط) سوريءَ چڙھيو سچ (افسانو) سُونھَن جي ساڃَھه (شاعري) ۽ ڪنھَن جي ماٺِ مَيار (شاعري) ذڪر جوڳا آھن.  جڏھن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ڪنھن جي ڳالھه ڳراٽڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونھن ۽ ٻيا شامل آھن. تازو سندس شاعري تي لکيل مير محمد پيرزادي جي لغت ” محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعريءَ جي لغت“ به ڇپجي پڌري ٿي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي ھن محسن 2 اپريل 2005ع تي وفات ڪئي. سندس ڪتاب اڄ به اسان لاءِ واٽ جي لاٽ آھن.