لاهور (م ڊ) نواز ليگ صدر شهبازشريف سنڌ واسين کي ثقافتي ڏينهن جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌي ثقافتي ڏڻ محبت ۽ امن جي پيغام جي نمائندگي ڪري ٿو. شهبازشريف اجرڪ سان گڏ ٽوئيٽر تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ وادي جي تهذيب، مهمانوازي، سريلي ٻولي ۽ فن جي ڀرپور روايتن جو جشن آهي، مختلف ثقافتون، ٻوليون ۽ ورثا پاڪستان کي هڪ جامع ملڪ بڻائيندا آهن.