سنڌين جي وڌندڙ ويڳاڻپ ۽ يرغمال شعور

0
15
سنڌين جي وڌندڙ ويڳاڻپ ۽ يرغمال شعور

 ڪافي وقت کان سنڌ جي سياست واقعاتي ۽ وقتي اڀار جو شڪار ٿيندي پئي اچي. هڪ طرف پارلياماني سياست ڪندڙ ڌريون آهن جيڪي اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ ته متحرڪ نظر اينديون آهن پر روزمرھ جي پيش ايندڙ اهڙن واقعن تي چپن تي چونو هڻي ويهي رهندا آهن. جيڪي سماج کي پاتال طرف ڌڪيندا آهن. بلڪه سندن ڪوشش اها رهندي آهي ته انهن مسئلن کي دٻائي رکجي ۽ اهو ڏيکارجي ته اسين ترقيءَ جي سفر تي گامزن آهيون. ٻئي طرف اهي تنظيمون/سول سوسائٽيز/ غير سرڪاري تنظيمون آهن جن جو مقصد ئي اشوز/ واقعن کي اڀاري ۽ ڪنهن حد تائين وڌائي بيان ڪري سماج کي تحرڪ ۾ ڏيارجي. ماڻهن کي سجاڳ ڪجي. ڪنهن تحريڪ لاءِ تيار ڪجي. متاثر ڌر جو ٻانهن ٻيلي بڻجي. کين انصاف ڏيارجي. سماجي برائين کي وائکو ڪري انهن جي رستا روڪ ڪجي.

                 پارلياماني پارٽيون سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي مجال آهي جو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن. انهي ڪري سنڌي عوام پنهنجي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي انهن ڏانهن واجهائڻ بجاءِ ترقي پسند، قوم پرست ۽ ساڃاھ وندن تي نرڀر ڪندو آهي. اهو سنڌي عوام جو ابتڙ ورتاء آهي جو هو پنهنجو نمائندو چونڊي اسيمبلين ۾ ته هڪڙن کي پهچائين ۽ اميدون ٻين سان وابسته ڪري ڇڏين. تنهن باوجود اهي ترقي پسند / قوم پرست ڌريون پنهنجي محدود وسيلن هوندي سماجي مسئلن تي تحرڪ ۾ نظر اچن ٿيون. پوء ڇا ڪارڻ آهي جو عام ماڻهن سميت خود انهن تنظيمن ۽ سول سوسائٽي/ ساڃاھ وندن منجهه اهڙن واقعن کي وٺي ويڳاڻپ ۽ مايوسي حاوي ٿيندي پئي وڃي؟

ممڪن آهي ته اهو منهنجو انومان هجي پر تازو جاڳرتا فورم سکر جي تقريب ۾ مختلف تنظيمن جي مقررن کي ٻڌي ۽ سوشل ميڊيا تي سنڌ جي با شعور فردن جا رايا پڙهي ڪجهه اهڙو ئي نتيجو اخذ ٿئي ٿو. صورتحال جي سنگيني تڏهن محسوس ٿي جڏهن جاڳرتا جي ڪانفرنس مجموعي طور اهڙي مايوسيءَ جو اعتراف ڪيو. جاڳرتا فورم کاٻي ڌر جي اهڙن سڄاڻ ساٿين جو مورچو آهي، جن سوويت يونين ٽٽڻ باوجود سوشلزم ۾ پنهنجو ويساھ ٽٽڻ نه ڏنو. منهنجي سمجهه موجب اهڙي صورتحال جا هيٺيان ڪارڻ ٿي سگهن ٿا:

سوشل ميڊيا جي اڀار جو شڪار ٿيڻ:

ڪافي دوستن جو خيال آهي ته سوشل ميڊيا اظهار جي آزادي جو هڪ آزاد پليٽ فارم آهي. ڪنهن حد تائين ته ايئن آهي پر سماجي مسئلا ۽ اشوز سوشل ميڊيا تي رڳو اهي اڀار جو روپ وٺندا آهن جيڪي هڪ منظم ۽ خودڪار طريقي سان اڀاريا ويندا آهن. جن جي پويان اهڙين تنظيمن / اين جي اوز يا سول سوسائٽي کي ليڊ ڪندڙ اڳواڻن جا گروهي يا انفرادي مفاد لڪل هوندا آهن. جن جي ڪري اهڙن واقعن کان وڌيڪ اهم واقعا نظرن کان اوجهل ٿي ويندا آهن جيڪي حقيقي تبديلي يا انقلاب جا محرڪ بڻجي سگهن ٿا. مثال طور تازو بلوچستان ۽ پنجاب جي کاڻين ۾ لڳ ڀڳ 10 کان 15 مزدور جان وڃائي ويٺا. پنجاب ۾ ڊرينيج جي صفائي دوران 3 مزدور دم گهٽجڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا پر اهڙن اهم واقعن تي ته اسان جي سول سوسائٽي خاموش رهي پر اٺ جي ٽنگ ڪپجڻ تي سول سوسائٽي تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿي. مطلب ته سوشل ميڊيا ڪنٽرولڊ فورم آهي، جيڪو حقيقي اشوز تي ته سانت رهندو آهي پر غير اهم ۽ چند فردن جي مفادن جي تقويت تي تحرڪ ۾ اچي ويندو آهي.

سول سوسائٽيءَ جي تحرڪ کي تحريڪ سمجهڻ:

سول سوسائٽي دراصل کاٻي ڌر جي سياسي تنظيمن جي اهميت ۽ افاديت کي محدود ڪرڻ لاءِ استحصالي قوتن پنهنجي هٿيار طور متعارف ڪرائي. انهن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي ته ڪو اشو اڀاري ڪجهه وقت ان تي تحرڪ وٺي، پنهنجو ڪم ڪڍي سنهي گهٽيءَ مان نڪري وڃڻ. اها سول سوسائٽي ڦت ڦت ڪري، روڄ راڙو ڪري، متاثرين کي انصاف جون يقين دهانيون ڪرائي، سياسي تنظيمن ۽ ساڃاھ وندن جون همدرديون ماڻي، پنهنجا گهربل مفاد ماڻي متاثرين کي وچ سير ۾ ڇڏي ايئن هٿ ڪڍي ويندا جو يا ته متاثرين وٽ ڏاڍي سان سمجهوتي ڪرڻ کان سواء دڳ ئي نه رهندو يا وري کين مائي جندو جيان پنهنجي جنگ اڪيلي سر وڙهڻي پوندي. اهڙي مفادن واري وقتي تحرڪ کي اسان جو شعور ڪا تحريڪ سمجهي جاهلن جيان انهن جي ڪڍ لڳي پوندو آهي. ۽ پاڻ کي انهن جي اڳواڻيءَ ۾ سونپي ڇڏيندو آهي.

سياسي تنظيمن جو پوئين پير تي بيهڻ:

سياسي تنظيمن خاص طور کاٻي ڌر جي تنظيمن جو اهو ويساھ رهيو آهي ته سماج ۾ ڏاڍ ، ڏهڪاء ۽ استحصال جي بنياد تي رونما ٿيندڙ انفرادي واقعا دراصل انقلاب لاء راھ هموار ڪندا آهن. اهڙن واقعن تي سياسي تنظيمون اڪثر سول سوسائٽيء جي پٺيان بيٺل نظر اينديون آهن. بجاء جو کين اڳواڻيء وارو ڪردار نڀائڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو سماجي تحرڪ يا اڀري سڀري تحريڪ سول سوسائٽيء جي موقعي پرستي جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ سياسي تنظيمن ڏانهن هڪ مايوس ڪن ۽ ويڳاڻپ وارو رويو جنم وٺندو آهي. اهوئي سبب آهي جو اهي تنظيمون مقامي طور تي پير به پختا نه ڪري سگهنديون آهن. سياسي تنظيمن جي انفرادي حيثيت به نشانبر نه ٿي سگهندي آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سول سوسائٽيء ۾ هو پنهنجي آڪسيجن ڳولهيندا هجن. يقينن سوسائٽي جي مختلف مڪتبه فڪر کي تحرڪ ۾ آڻڻ لاء ڪو گڏيل فورم ڪارآمد بڻجي ٿو پر ان تحرڪ کي ڪنهن تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم سياسي تنظيمون ئي سرانجام ڏيئي سگهن ٿيون.

مستقل مزاجيء جي اڻهوند:

اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به واقعي تي تحرڪ اتي ئي دم ٽوڙي وڃي ٿو، جڏهن ڪو ٻيو واقعو رونما ٿئي ٿو. بلڪل ايئن جيئن چوندا آهن هڪڙا اڌ ۾ ٻيا پنڌ ۾. اسان جي اردگرد روز ڪي نه ڪي واقعا هڪجڙي نوعيت جا پيش اچن ٿا. بلڪه انهن ۾ سول سوسائٽيء جي تحرڪ بجاء واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جنهن جو سبب اهو آهي جو هڪ واقعي کي منطقي انجام تي پهچڻ ئي نٿا ڏيون جو ڪا ٻي بانسري وڄڻ شروع ٿي ٿي وڃي. ڪنهن ڪم کي مثالي ڪم ڪري کنيو ئي نٿو وڃي. مثال طور جي دودي ڀيل جي قاتلن کي ڦاهي ڏيارجي ها ته ناظم جوکئي کي وڃائڻو نه پئي ها ۽ جي ناظم جوکئي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائجي ها ته نصرالله گڏاڻيء جا قاتل “نامعلوم” نه هجن ها. پريا ڪماري کي بروقت بازيابي لاء قدم وڌائجن ها ته فاطمه ڦرڙو جهڙا واقعا رونما نه ٿين ها. ۽ نه ئي جان محمد مهر ۽ عزيز ميمڻ پنهنجون حياتيون وڃائين ها.

سياسي سماجي شعور رکندڙ ڪارڪنن/ ورڪرز جو يرغمالي ورتاءُ:

سال اڳ جڏهن جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب سکر هاءِ ڪورٽ بينچ جو حصو هو ته هڪ سول رويزن ۾ (جيڪا غالبن ڪنهن ناريء طرفان موروثي ملڪيت مان حصي وٺڻ بابت هئي) رمارڪس ڏيندي چيو هو ته اسان وٽ عورتن کي اباڻي ملڪيتن مان حصو ته نه ڏنو ويندو آهي پر کين ايئن يرغمال بڻايو ويندو آهي جيئن اسٽاڪ هوم سينڊروم جو مثال هجي. جدلياتي ۽ سائنسي اصول به اهو آهي ته شيون پنهنجي طئي ٿيل حل طرف نيٺ وڃڻيون آهن. ڪنهن به قسم جي وابستگي حالتن جي تبديليء ۾ رڪاوٽ نٿيون بڻجي سگهن.

دراصل اهو خود ڪنهن اداري/ تنظيم کي يرغمال بڻائڻ وارو رجحان آهي، اهڙي حالت ۾ ڪي فرد باقي خلق کي اهو يقين ڏياريندا آهن ته جي هنن کان ڪنهن به قسم جو پڇاڻو ڪيو ويو يا اختلاف راء رکي وئي ته ادارو/ تنظيم ويهجي ويندي. اڪثر اهڙي حالتن ۾ يرغمالي پاڻ کي اهڙن فردن جي هٿ ۾ محفوظ سمجهندا آهن، جنهن ڪري ون مين شو يا ادارو/ تنظيم ڪنهن گروھ جي اثر هيٺ رهندي ڪو خاطر خواھ ڪردار نڀائي نه سگهندو آهي.

جمهوري ۽ عوامي امنگن ۽ روايتن کي پٺي ڏيئي ڀل چند ماڻهن جي اردگرد چوڪڙي لڳائجي ۽ اداري کي ذاتي ملڪيت سمجهي ٻين جي رستا روڪ ڪندي اختلاف راء رکندڙ کي دڳ نه ڏجي پر اهو سمجهڻ کپي ته ان جو نتيجو ٻن صورتن ۾ اوس نڪرڻو آهي. يا ته اهڙي حالت ۾ ادار ويهجي ويندا آهن يا خود اندر ۾ ئي ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي ويندي آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مثال اڳيان آهي، جتي اختلاف راءِ کي جاءِ نه ڏيندي سنگت کي ٻن ڌڙن ۾ ورهايو ويو ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ ڏٺوسين ته انهن ڌڙن جي اندر مان حزب اختلاف جڙي وئي.

اسين ادارن/ تنظيمن اندر موجود فردن کي يرغمالي سمجهي ٽريٽ ڪيون ۽ کين ڪهڙي به طريقي سان اهو يقين ڏياريون ته آئون فرد واحد يا  هم خيال گروھ ئي اداري/ تنظيم جي جياپي لاء لازم آهيان ته اهو ممڪن ناهي . جو ادارن / تنظيمن کي تڏهن ئي مثبت انداز سان تحرڪ ۾ رکي سگهجي ٿو. جڏهن مارڪس جي ٻن ابتڙن جي ميلاپ واري نقطي تي عمل پيرا ٿبو. مادي جو جز به تڏهن متحرڪ ٿيندو آهي جڏهن نيوڪلس پنهنجي اردگرد منفي اليڪٽرونس رکندو آهي. اهڙا ڪجهه ٻيا ڪارڻ به آهن جيڪي سياسي، سماجي، تنظيمن ۽ سول سوسائٽيز جي ورڪرز جي وچ ۾ مايوس ڪن روين کي جنم ڏين ٿا. جنهن لاء ضروري آهي ته اسان جو هر قدم سوچي سمجهي ۽ واقعن کان مڪمل آگاهيء تي نرڀر هجي. ٻي صورت ۾ نتيجن کي پنهنجي حق ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي.