سنڌو درياءَ مان رستو ڀلجي دادو ڪئنال ۾ داخل ٿيل ٻه ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ

0
260
ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ
سنڌو درياءَ مان رستو ڀلجي دادو ڪئنال ۾ داخل ٿيل ٻه ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ

سکر: وائلڊ لائيف کاتي جو دادو ڪئنال نئون ديرو وٽ ريسڪيو آپريشن،  سنڌو درياءَ مان سکر بئراج وٽان رستو ڀلجي دادو ڪئنال ۾ داخل ٿيل ٻه ماده ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ ڪيون ويون.

ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف سکر عدنان حامد جي ھدايتن تي ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو.  رستو ڀلجي ڪئنال ۾ داخل ٿيل ناياب نسل جي انڌي ٻلھڻ جا ٻچا نئون ديرو وٽ وڃي پھتا.

وائلڊ لائيف سکر جي گيم آفيسر انور علي ڀٽي ۽ لاڙڪاڻو جي آفيسر جاويد ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو. ھٿ ڪيل ناياب نسل جي ڊولفنز جي عمر 4 مھينا ۽ ٻئي جي 8  مھينا آھي.  4 مھينن جي انڌي ٻلھڻ جو وزن 11 ڪلو ۽ 8 مھينن جي ڊولفنز جو وزن 14 ڪلو آھي.