سنجي دت جي پرويز مشرف سان ملاقات، ڀارتي صارفين اداڪار کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

0
191
سنجي دت جي پرويز مشرف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي مبينا ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بعد ڀارتي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي

مبينا ملاقات جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ ڪئي ته ٻنهي جي ملاقات دبئي ۾ ٿي، جڏهن ته اها تصوير وائرل ٿي ته ڀارتي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي هلچل مچي وئي پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته اها تصوير ڪڏهن ۽ ڪٿي ورتي وئي هئي

ڀارتي سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن، هڪ ٽوئيٽر صارف هن ملاقات کي مختلف رنگ ڏنو ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

گوتم اگروال نالي هڪ ٽوئيٽر صارف چيو ته ”مان حيران آهيان ته ڇا سڪيورٽي ادارن کي خبر آهي ته هي ملاقات ڇو ٿي آهي

ساڳئي صارف ڀارتي رياست اروناچل پرديش جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنجي دت کي فوري طور تي رياست جي برانڊ ايمبيسيڊر جي عهدي تان هٽايو وڃي

واضح رهي ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۽ بالي ووڊ اداڪار سنجي دت اڃا تائين تصوير تي تبصرو ناهي ڪيو