سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ علي ميتلو واسين گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حمير مري، حاڪم زادي، عائشه مري ۽ شهزادي مري چيو ته اسانجو عاشر ميتلو ۽ ٻين مخالفن سان زميني تڪرار جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، پوليس مخالفن جي چرچ تي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهرن کي باهه ڏني،  هنن چيو ته تشدد ۾ عورت بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ به پوليس رستو نه ڏنو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.