عمران کوسو

ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مان اغوا وارداتون ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۾ هر آئي ڏينهن اغوا وارداتون معمول آهن ۽ اهڙيون اغوا وارداتون رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن. هن ضلعي ۾ اڪثر وارداتون پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي ڪري ٿيڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن ۽ اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته معصوم سمرت ڪمار جو اغوا معاملي ۾ به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پوليس پاڻ ئي ملوث آهي ۽ اها پڻ اندروني ڳالهه آهي ته نينگر سمرت ڪمار جي اغوا معاملي بعد ايس ايس پي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ معطل ٿيل پوليس عملدارن ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر سمرت ڪمار جي اغوا وارو معاملو حل ڪرائي ڏيو، ٻي صورت ۾ “ڊسمس فرام سروس” ڪيو ويندو ۽ ٿيو به ائين ئي ته عرفان علي سمون ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ۽ ڪيترن کي ئي “ڊسمس فرام سروس” ڪري ڇڏيو.

                 اها ڳالهه به حيرت جوڳي آهي ته نينگر سمرت ڪمار جي آزادي ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران ڪرڻ بجاءِ شڪارپور پوليس جي ذريعي ٿي. چيو وڃي ٿو ٿه شڪارپور پوليس هن معاملي ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري نينگر سمرت کي ڏوهارين جي قيد مان آزاد ڪرايو ۽ اهڙي ڳجهارت بڻيل پوليس جي ڪارروائي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جن جا سوال شايد ايندڙ ڏينهن ۾ ضرور سامهون ايندا.

نينگر سمرت ڪمار ڪنڌڪوٽ جي مرزانپور محلي مان ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿيو ۽ کيس شڪاپور پوليس پاران رات جي تاريڪيءَ ۾ آزاد ڪرايو ويو ۽ ان معاملي ۾ ملوث ڌاڙيلن جو پڻ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ذڪر ڪندي چيو ته نينگر سمرت کي ڀنگوار گينگ اغوا ڪيو ۽ اها ڀنگوار گينگ، جنهن جو سربراهه بدنام ڌاڙيل شريف ڀنگوار هو، جيڪو به ڪجهه مهينا اڳ ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ پوليس هٿان مقابلي ۾ مارجي ويو هو. ضلعي شڪارپور جي پوليس نينگر سمرت ڪمار جي آزادي کي پراسرار بڻائي ڇڏيو ۽ اهو چئي پنهنجي جند ڇڏائي ته نينگر سمرت ڪمار کي ڀنگوار گينگ اغوا ڪيو. توڙي جو پوليس ڪجهه ماڻهن جي گرفتاريءَ جو اقرار ته ڪيو آهي پر حيرت اها آهي ته شڪارپور پوليس هن گينگ جي ڪنهن به ڏوهاري کي ميڊيا سامهون پيش نه ڪيو.

ايس ايس پي امجد شيخ جي پاليسين کان پوري سنڌ واقف آهي. اهو معاملا ڊيل ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ۾ يقين رکندو آهي. ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ پاران پنهنجي ٽيم جي مدد سان نينگر سمرت ڪمار کي ڏوهارين کان ڳالهين ذريعي آزاد ڪرايو آهي. ايس ايس پي شڪارپور جي اهڙين غلط پاليسين سبب معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ گينگ جا ڏوهاري پوليس جي ڪاررواين کان آجا رهن ٿا ۽ جڏهن ايس ايس پي ڪشمور -ڪنڌڪوٽ عرفان سمون ڏوهارين سان ڳالهين بجاءِ انهن جو خاتمو پوليس آپريشن سان ڪرڻ چاهيو ته ان جي ناڪامي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ۽ مٿس ڀوتارن جي ناراضگي وڌي ويئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مغوين کي اغوا ڪندڙ ٽولن سان جيڪي پوليس وردي پاتل عملدار ڳالهيون ڪري ۽ ياريون رکي ضلعي جي امن و امان کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، انهن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو ٻيو سمرت اغوا ٿيڻ کان بچي سگهي.