سماجي مسئلا ۽ سياسي انتشار

0
185
هڪ-مدبر-جو-وڇوڙو

 ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ جمهوري سياست سان جُٺِ ٿيندي رهندي اچي ٿي پر اها اڪثر طور غير سياسي قوتن هٿان ٿي آھي. هينئر عمران خان  ۽ سندس پارٽيءَ  سياست ۽ جمهوريت سان گڏ آئين جو جنهن طريقي سان ٻيڙو ٻوڙي رهيا آھن اُنَ سان ملڪ جي اونداهي تاريخ ۾ اڃا وڌيڪ ڪارن ڪاڳرن جو اضافو ٿي رهيو آھي ۽ ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ منجھان نڪرڻ بجاءِ وڌيڪ انتشار ۽ افراتفري جي ور چڙھي ويو آھي. هي مملڪتِ خداداد دنيا جو شايد  اهو اڪيلو ملڪ آھي جتي جا ٽيويھن ڪروڙن مان، ٽيويھه ئي ڪروڙ شھري باشعور سياستدان، باعمل مارڪسسٽ، پڪا پختا مسلمان، سچا محب وطن پاڪستاني، ساڃهھ وند ۽ دانشور آھن،  هڪ ماڻھو به گُٿل نظر نه ايندو مڪمل طور عقل ڪل ۽ پنهنجي مقصد سان سچو.  يورپ  جي ڪنهن ڏاهي جو قول آھي ته “ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ڏهاڙي دنيا جا سڀ جاهل ماڻھو لکڻ پڙھڻ جي لائق ٿي ويندا.” اهڙي طرح پاڪستان جي سڄي آبادي ٻيو نه ته به سياستدان ۽ معاشي ماهر ضرور آھي، سو جنهن ملڪ جي صورتحال انهيءَ پَد تي پهتل هجي  اتي سياسي بحث مباحثن، مذھبي گفتگو،  معيشت، عقيدن ۽ نظرين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان هرڪو شريف ماڻھو ضرور لنوائيندو.

اڄڪلھه سابق وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياسي رهنمائي ۽ رهبري ۾ ملڪ جي نوجوان طبقي کي سياست جي اهڙي ميدان ۾ لاٿو آھي جتي ڪوڙ ٺڳي ڌوڪي ۽ دولاب  جو ڪار وهنوار عروج تي پهتل آھي.  سياسي ڏٽا ۽ دم دلاسا دنيا جي هر ملڪ ۾ مروج آھن پر سسئي واري بُري هن ڀنڀور ۾ته سنوان سڌا ھاڃا پيا ٿين. عوام سان ان کان وڌيڪ ڌوڪو ۽ هاڃو اڃا ڪهڙو ٿيندو جو اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ آزاد خيال خانصاحب، مدني رياست جي تعمير جو اعلان ته ڪيو پر ساڳئي وقت هڪ طرف پنهنجو انحصار ۽ اعتقاد  الله تبارڪ جي ذات بجاءِ ماوراءِ قوتن ۽ سڳن ڌاڳن تي وڌائي ڇڏيو ته وري ٻئي  طرف هڪ ديني عالم جي شخصي  توهين ڪرڻ لاءِ اخلاق جون حدون اورانگهي بيهي رهيو،  سياست ۽ ڊپلوميسي ۾ فرق سمجھڻ جو ادراڪ نه رکيو، آئين قانون ۽ ملڪي ادارن کي در جي دربان طور ڪم آندو. ان باوجود به اقتدار وڃائڻ کان پوءِ  حقيقي آزادي لاءِ سندس اُٻهرائپ کِلَ جهڙو ھڪ عمل نظر اچي رهيو  آھي

. جڏهن چرچل “سياست کي عوام سان سچ ڳالهائڻ جو فن” قرار ڏنو هو تڏهن مشھور ليکڪ جارج آرول چيو هو ته “سياست عوام کي انهن ڪمن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جو فن آهي، جيڪي سندس  فائدي جا آھن”. بدقسمتي سان پاڪستان گذريل ستن ڏهاڪن کان چرچل جي چوڻي بدران george orwell جي سياست متعلق ڪيل تشريح تي ڪاربند آھي جتي عوام جي مجموعي  بهتري ۽ فائدي جهڙن ڪمن اڳيان بند ٻڌڻ لاءِ عوام کي استعمال ڪيو ويو آھي جنهن سان ملڪ سياسي طور سِلھه ۾ ورتل مريض جو ڏيک ڏيئي رهيوآھي. سلھه جيتوڻيڪ لاعلاج مرض ناهي پر سياسي بيمار کي جڏهن ڪو حاذق حڪيم وڃي ملي، جنهن جون ڦڪيون فرق ڪن. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو موجوده سياسي ماحول ڪو اوچتو اچي ڪونه جڙيو آھي پر ههڙي سياسي ماحول ٺھڻ جو ننڍڙو ٻوٽو پاڪستان ٺھڻ کان ستت ئي پوءِ بانيان ملڪ طرفان لڳايو ويو هو جنهن جي آبياري ملڪ جي سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ پنهنجو مذھبي فرض سمجھي ڪندي آئي ۽ اهو ٻوٽو هاڻي ميوو ڏيندڙ وڻ بنجي چڪو آھي. ا

هو ٻوٽو پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ  قومن جي  تاريخي وجود، هزارن  سالن جي ثقافتن ۽ ٻولين جي انڪار، سچن ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار ليڊرن جي توهين، کين غدار ڪافر ۽ ملڪ دشمن هجڻ جا لقب ڏيڻ لاءِ لڳايو ويو هو. شروع ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ غدار ۽ ڪافر ٺھڻ شروع ٿيا پر پوءِ پوريون اسيمبليون ۽ مڪمل قومون غدار چورائڻ لڳيون. اسان جي ماضي جا “محب وطن” سياستدان ۽ ڊڪٽيٽر هڪ خاص مزاج جا مالڪ هئا ۽ سندن سياست جو هڪ نرالو رنگ ۽ ڍنگ هو. باباءِ قوم، پٺاڻ ۽ سنڌي ليڊرن کي غدار سڏيو هو. شھيد ملت ۽ قائد عوام، بنگالين کي شامل ڪري غدارن جي فهرست ۾ اضافو ڪيو هو ۽ جنرلن، بلوچن کي غدار قرار ڏيئي سڄي ملڪ ۾ غدار سازي جون فيڪٽريون قائم ڪري ڇڏيون هيون،  جتي اڄ به غدارن جا ٻار کنڀجن پيا ۽ قتل ٿين پيا. نتيجي ۾ پنجهتر سال گذرڻ کان پوءِ جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي هڪ ئي وقت هڪ جيتريون “ڳالهيون” ٻڌڻيون پئجي رهيون آھن.  قدرت جو قانون اٽل آھي جنهن مطابق هر عمل جو ردعمل هوندو آھي جيڪو پنهنجي وقت تي ظھور پذير ٿيندو آھي. باڪردار ۽ وطن دوست سياستدانن تي لڳايل فتوائون ۽ سندن ڪردار ڪشي تي ڏنل ٽھڪن جا ڀيانڪ ۽ خطرناڪ نتيجا هاڻي اچڻ شروع ٿيا آھن.

ست ڏهاڪا اڳ ڀولي کي جيڪا بندوق هٿ ۾ ڏني وئي هئي هينئر اها عمران خان جي هٿ اچي وئي آھي جنهن پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مير جعفر ۽ مير صادق جا هٿ ٺوڪيا ڪردار گهڙڻ کان پوءِ بي ڌڙڪ کين پنهنجي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ شروع ڪندي وردي ۾ ملبوس ماڻھن کي غدار سڏڻ شروع ڪيو  آھي.  اظھار جي آزادي جو حق پنهنجي جاءِ تي پر سوشل ميڊيا تي خانصاحب ڪوڙ جا واڄٽ وڄائي پنهنجي خراب حڪمراني وارن ڏينهن جون اوڻايون لڪائڻ ۾به ڪامياب نظر اچي رهيو آھي. ٻئي طرف پيشنگويون ڪيون وڃن پيون ته جنهن ڪارخاني مان عمران خان کي گهڙي گهتي سياسي پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو هو ان پليٽ فارم تان سندس سياسي ڪيريئر جو به خاتمو ٿيندو پر ايئن مشڪل لڳي رهيو آھي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ انهي ساڳي ڪارخاني مان تيار ڪيل هر سياستدان عوامي هيرو جو روپ ڌاري چڪو آھي   ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ڀلي ڇو نه هجن پر ڏاڍن کي به اندازو ڪونه هو ته ڪو اناڙي کلاڙي ڀولي واري بندوق ثابت ٿيندو.

جيتوڻيڪ گهرو ماحول ۽ ماءُ جي هنج انسان جي بنيادي تربيت گاهه سڏيا وڃن ٿا پر سماجي ماحول ۽ معروضي حالتون به ماڻھو جي شخصيت ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هينئر جيڪو ملڪ جو سياسي ۽ سماجي منظر نامو ٺھي راس ٿيو آھي ان ۾ ملڪ گير سياسي پارٽين ۽ ليڊرن سان گڏ عالمي اسٽيبلشمنٽ جي neo-liberal  پاليسين جو وڏو ۽ نمايان اثر واضح نظر اچي رهيو آھي جنهن عمومي طور پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي نوجوانن جي شخصي ۽ سياسي ڪردار کي غير متوازن ڪري وڌو آھي. پاڪستان ۾ ڪن سياسي ڌرين وٽ لٽ ڦر حلال آھي ته ڪن وٽ گارگند ثواب ته وري ڪنهن وٽ مسجد نبوي ۾ ڪيل پنهنجون بداخلاقيون ٽوپي نراڙ تي رکي فون تي ٻڌائڻ مذھبي طور واجب آھن. عمراني سياست جي اثرن سبب ميڊيا تي گار گند، بداخلاقي، بدتميزي سماج ۾ هڪ پُرڪَشِش ۽  بهادريءَ جو گُڻُ بنجي سامهون آيو آھي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاسن جون ڪاروايون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل بداخلاقيون اهڙي سياست ۽ سماجي روين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ٻئي طرف نيو لبرلزم نوجوانن مان اجتماعي سوچ  collectivism جو خاتمو آندو آھي وٽن اجتماعي ترقي بدران انفرادي مفاد پروان چڙھي چڪا آھن.

ٻن ٽڪن جي فائدي لاءِ راڄ کي رلائڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نه ٿي ڪئي وڃي. مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ غلط طريقن کي استعمال ڪرڻ ۾ شرمندگي محسوس نه ٿي ٿئي.  سنڌي جيڪي اڳ ۾ ئي اجتماعي سوچ کان وانجها هئا مٿان نيو لبرلزم سون تي سهاڳي جو ڪم ڪري ڏيکاريو. نتيجي ۾ نوجوان طبقو اجتماعي فائدي وارن ڪمن تان ذري گهٽ ھٿ کڻي چڪو آھي. ساڳئي وقت  نوجوانن ۾ هڪ نئين ۽ خطرناڪ عمل جنم ورتو آھي جيڪو آھي خودڪشي ڪرڻ جو عمل. ڪو نوجوان حالتن سان مڙس ماڻھو ٿي مقابلو ڪرڻ بدران،  بزدلي جو شڪار ٿي جيڪڏهن خودڪشي ڪري ٿو وجهي ته پٺيان آپگهات ڪندڙ جي بزدلي واري اهڙي عمل کي نندڻ بدران ساراهيو وڃي ٿو ۽ ان جو ڏوهه اِلاڻي فِلاڻي تي لڳائي ڊپريشن ۾ ورتل ٻين نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪري آپگهات ڏانهن مائل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي نوجوان کي چڱائي ۽ برائي جي چونڊ ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي اهڙن سماجي مسئلن تي سوچي سمجھي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ ۽ لکڻ گھرجي.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اتان جون سياسي پارٽيون  پنهنجن نوجوانن جي ذھني آبياري ڪنديون آھن پر پاڪستان جون فيڊرل پارٽيون نوجوانن کي سياسي ويڳاڻپ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي تخريبڪاري جو رستو ڏيکاري رهيون آھن. مذھبي جماعتن پنهنجي سٿ ۾  اهڙا نوجوان تيار ڪيا آھن جن وٽ جهاد ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪرڻ ۾ نه ڪا دير آھي نه ڪوئي انڌير. ٺَڪُ ته آ۔کڻ ڪافر کي!افسوس اهو آھي ته پاڪستان جو پڙھيل طبقو هندو کي ڪافر سمجھيو ويٺو آھي. کين البيروني جي مشھور ڪتاب “ڪتاب الهند” جو مطالعو ضرور ڪرڻ کپي  ۽ اجائي غير ضروري تقليد بدران پنهنجي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي جنهن جي تاڪيد خدا خود قرآن پاڪ ۾ ڪئي آھي. ٻئي طرف پڙھيا لکيا سائنسي سوچ رکندڙ دانشور نوجوانن کي اهو سبق ڏيئي رهيا آھن ته پاڪستان ۾ پ پ جو ڪو متبادل ڪونهي. ياد رکڻ گھرجي ته دنيا جو جمهوري سياسي نظام ڪنهن متبادل کان سواءِ ھلي نٿو سگهي. سياست ۾  متبادل هميشھ موجود هوندا آھن هونئن به فطري طور دنيا ارتقا جي عمل مان گذرندي رهي ٿي.  فطرت ڪائنات ۾ هر شيءَ جو ضِدُ يعني متبادل موجود ڪري ڏنو آھي رڳو اسان جي نوجوانن کي پنهنجون اکيون کولڻ ۽ ڳالھه کي سمجھڻ جي ضرورت آھي .

نوجوانن سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ وري اصل موضوع تي اچي غور ڪنداسون ته عمراني نظام جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ڪيل سڀ تجربا ناڪام ٿي چڪا آھن. ملڪي آئين جو ٻيڙو ٻوڙڻ ان کي ڦاڙي ڦٽي ڪرڻ ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ هڪ جيتريون جوابدار آھن. آئين جي کلم کلا انحرافي سبب  ملڪ خطرناڪ سياسي انتشار ۽ ڏيوالپڻي ڏانهن وڌي رهيو آھي جنهن کي بچائڻ لاءِ کيس هڪ حقيقي وفاقي، گهڻ قومي، گهڻ ثقافتي ۽ سيڪيولر جمهوري پاڪستان ٺاهڻ جي ضرورت آھي. عالم سڳورن سان گڏ سيڪيورٽي ۽ سياسي اسٽيبلشمنٽ کي پنهنجن سياسي تجربن جي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. فتني باز فاشسٽن ملڪ ۾ انتشار ڦھلائڻ جي سٽ سٽي آھي جنهن کان  ملڪ جي جان جلد  آزاد ڪرائي سندس نئين سر تعمير ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏيڻ ۾ ئي عوام جي ڀلائي آھي.

[email protected]