اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ دهشتگردي جي وڌندڙواقعن تي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي، ذريعن مطابق اهو اجلاس هلندڙ هفتي ئي گهرايو ويندو، اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافي جي سببن تي به بحث ڪيو ويندو، دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن جو به جائزو ورتو ويندو، ذريعن مطابق ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي موجوده صورتحال ۽ ماضي جي معاهدن تي عملدرآمد تي به بحث ڪيو ويندو.