سنڌڙي(ن پ ا) مٺڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ سعيدڪي شاخ مختلف 5 ھنڌن تان اور ٽاپ ٿيڻ ڪري پاڻي فصل ڏانھن وڌڻ ڪري لڳو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ضابطو آندو، برساتن کان پوءِ سعيدڪي شاخ ۾ پاڻي وڌيڪ ڇڏڻ سبب پاڻي ۽ واٽر ڪورس بند ٿيڻ ڪري شاخ اوور ٽاپ ڪرڻ لڳي جنھن سبب 5 مختلف ھنڌ جن ۾ شھمير واٽر، 7 واٽر، بشير آباد ڀرسان سميت ننڍا ننڍا روڻ پئجي ويا، روئڻ بند ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ضابطو آندو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي روھان آرائين ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جو ڪو به تحرڪ نه ورتو جنھن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي، ھوڏانھن آبپاشي کاتي پاران شاخ کي بند ڪري ڇڏيو آھي.