رياض (ڪامرس ڊيسڪ) سعودي عرب جي مائيننگ ڪمپني معادن کي مڪي شريف جي علائقي ۾ سون جا نوان ذخيرا مليا آهن. ان حوالي سان ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته کين سون جي مائيننگ دوران ڏکڻ ۾ سون جا ڪيترائي ذخيرا مليا آهن. ڪمپني موجب ورتل نمونن اعليٰ درجي جي سون جي ذخيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آهي. معادن ڪمپني موجب اها دريافت هن علائقي ۾ سون جي مائيننگ کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن جي نشاندهي ڪري ٿي.