رياض/دبئي (م ڊ)  سعودي، گڏيل عرب امارتن ۽ نار جي ٻين ملڪن ۾ ڪالهه عيدالاضحيٰ ملهائي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين نار رياستن ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي وئي.  ان کان سواءِ قطر، ڪويت، امان، اردن، شام ۽ عراق ۾ به مسلمانن عيد الضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي. جڏهن ته برطانيا، آمريڪا ۽ ڪينيڊا توڙي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ به عيد الاضيٰ جا وڏا وڏا اجتماع ٿيا.  جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، ڪينڊا جي حڪمرانن پاران مسلمانن کي عيد الاضيٰ جون واڌايون ڏنيون ويون آهن. مسجد الحرام مڪي شريف ۽ مسجد نبوي صه مديني شريف ۾ عيد نماز جا وڏا وڏا اجتماع ٿيا، جن ۾ لکن جي انگ ۾ ماڻهن عيد نماز ادا ڪئي ۽ مسلم امت جي خوشحالي لاءِ دعا گهري. عيد نماز جي اجتماعن دوران فلسطين جي آزادي ۽ مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي خاتمي لاءِ خاص دعائون گھريون ويون. عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ مسلمان سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي جانورن جي قرباني ڪئي.