سرڪاري زمين مفت جو مال نه عوام جي ملڪيت آهي

0
192
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان وٽ سرڪاري ملڪيت کي مفت جو مال سمجهي جيڪا ان سان حالت ڪئي ويندي آهي اهو دنيا جي شايد ئي ڪنهن خطي ۾ ٿيندو هجي،نه عوام پنهنجي انهي ملڪيت جي مالڪي ڪندي آهي  نه ئي وري سرڪار کي ان جو ڪا پرواهه ته اها عوامي ملڪيت ايئن ڇو تباهه ٿي رهي آهي.؟ انهي رويي جي ڪري سرڪاري ملڪيتن کان وٺي سرڪاري زمين تي قبضا ۽ انهن جو ناجائز استعمال ايڏو سولو ٿي ويو آهي جو جيڪو به ٿورو گهڻو اثر رسوخ رکي ٿو انهن تي قابض ٿي وڃي ٿو نه کين ڪو خوف هوندو آهي نه ئي قانون جي ڪا پرواهه.

  نسلا ٽاور جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ سرڪاري زمينن تي قبضن جي ڪهاڻي  اڄڪلهه سپريم ڪورٽ کان وٺي سنڌ اسيمبلي ۽سياسي بحث جو موضوع بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ان کي غير قانوني قرار ڏئي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه جڏهن عدالت جي حڪم تي انتظاميا  اهو ڊاهڻ جي ڪوشس ڪئي ته ڪجهه سياسي ڌريون ۽ اتان جا رهواسي مزاحمت تي لهي آيا جنهن ڪري پوليس کي شيلنگ ڪرڻي پئجي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير سعيد غني چڪي چڪو آهي ته هو وزارت ايستائين جو پنهنجي اسيمبلي جي ميمبرشپ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي پر ماڻهن کان اجهو کسڻ جي ڪوشش ۾ شامل نه ٿيندو.

سنڌ جي سرڪاري زمين تي قبضا ۽ انهن جو ناجائز استعمال ڪنهن کان لڪل ڪونهي. هر ادارو ۽ ماڻهو ان کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ان جو ناجائز استعمال ڪندو رهيو آهي ايتري تائين جو ڪجهه ادارا جنهن مقصد لاءِ زمين وٺندا رهيا آهن اهي انهي اصل مقصد بدران ڪمرشل ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ اها زمين استعمال ڪندا رهيا آهن.  ايستائين جو پبلڪ پارڪس يا ڪميونٽي سينٽرن لاءِ رکيل زمين به انهن قبضن کان محفوظ ناهي رهي. هي نسلا ٽاور جو ته هڪڙو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ظاهر ٿيو آهي پر اهڙا ڪيترا ڪيس هوندا جيڪي اڃان ظاهر نه ٿيا آهن.حد ته اها آهي جو دفاعي مقصدن لاءِ ورتل زمين به شادي هالن ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

اڳ جڏهن شيخ رشيد ريلوي جو وزير هو ته ان ريلوي جي زمين وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته قانون آهي ته جيڪا زمين جنهن مقصد لاءِ ڏني وڃي ٿي جڏهن اهو مقصد نه ٿو رهي يا پورو ٿو ٿئي ته اها زمين واپس صوبي جي ملڪيت هوندي پر وفاقي حڪومت چيو ته اها زمين ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي. اصل مسئلو اهو آهي ته جيڪا زمين جنهن مقصد لاءِ ڏني وڃي ٿي ته سنڌ حڪومت ان جي پوئيواري ڇو نه ٿي ڪري ته جن مقصدن لاءِ زمين ڏني وئي آهي ان مقصد لاءِ ئي  استعمال ڪئي وڃي ٿي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته اها زمين صوبي ۽ عوام جي ملڪيت آهي ۽ عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ هجڻ سبب ان جي حفاظت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. اسان وٽ قبضا ختم ڪرڻ جي ڳالهه ته ٿيندي آهي پر اتي قبضا ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ يا غير قانوني الاٽمينٽ ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري اهو ساڳيو ڪم پيو هلندو رهندو آهي.

آبپاشي جي زمين تي قبضا هجن يا هاڻي هي نسلا ٽاور وارو معاملو، جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهو ٽاور غيرقانوني طور ٺاهيو ويو ته ان جي نقشي پاس ٿيڻ کاو وٺي اها واڌو زمين جي الاٽمينٽ ڪندڙ ڇو ڪارروائي کان آجا آهن؟جڏهن ته اتي گئس کان وٺي بجلي جي سهولت تائين سڀ ڪم سرڪاري ادارن جي اجازت سان ٿيا آهن ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟اسان سمجهون ٿا ته هي هڪ مثال بڻجڻ گهرجي ته جيڪڏهن اڳتي ڪنهن به  زمين جي الاٽمينٽ غير قانوني طور ڪئي وئي يا جنهن مقصد لاءِ زمين ورتي ان کي وري ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو ته الاٽمينٽ ڪندڙن ۽ زمين جي ناجائز استعمال ڪندڙن ٻنهي خلاف ڪارروائي ٿيندي تڏهن وڃي انهي ڌنڌي کي روڪي سگهبو جيڪو سرڪاري زمين کي مفت جو مال سمجهي ڪيو پيو وڃي.