سرڪاري زمينن تي قبضا، ذميوار ڪير ؟

0
413
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هن ملڪ ۾ جيڪو جيترو طاقتور ۽ بااختيار آهي اهو اوترو وڌيڪ قانون جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث ڏٺو ويو آهي،پوءِ اهو قانون سگنل ٽوڙڻ جو هجي يا ميرٽ ۽ اهليت جي لتاڙ هجي،پر ڪنهن کي ڪڏهن ڪا سزا نه ٿي اچي جنهن ڪري اسان وٽ هر ماڻهو قانون جو احترام ۽ ان تي عمل ڪرڻ بدران پاڻ طاقتور ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃي ٿو. جنهن ڪري اسان وٽ ڏينهون ڏينهن پاڻمرادو قانون تي عمل ڪرڻ وارا ماڻهو گهٽجندي نظر ايندا جيڪڏهن ڪنهن قانون تي عمل ڪيو ته مجبوري ۾ ڪيو هوندو يا وري سندس وس نه پڳو هوندو ته انهي قانوني واٽ کان بچي سگهي. اسان جو قانون به رڳو ڪمزور کي روڪي سگهي ٿو جڏهن ته طاقتور آڏو اهو قانون ٻانهون ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي خاندان جي ٻه ويلا ماني جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪو ريڙهو لڳايو يا مانڊڙي کولي ۽ اتفاق سان اها حددخلي ثابت ٿي ته انهي غريب کي ڪجهه هزارن جو سامان جيڪا هن جي ڪل موڙي آهي کڻڻ جي به مهلت نه ملندي ۽ اهو سامان روڊ تي اڇلائي مانڊڙي يا ريڙهو هٽايو ويندو پر جڏهن ڪنهن طاقتور اڌ شهر تي به قبضو ڪري ڇڏيو هوندو ته قانون جون اکيون به ٻوٽيل هونديون ته انصاف جي عدالتن مان به مهلتن مٿان مهلتون ملڻ ۾ دير نه ٿيندي.جنهن ڪري حدخلين سميت قانون جون ٻيون ڀڃڪڙيون اسان وٽ عام جام ٿين ٿيون ايتري تائين جو سرڪاري زمين تي قبضي کي ته ڄڻ ماڻهو هاڻي ڏوهه ئي تصور نه ٿا ڪن.
سپريم ڪورٽ ٻه ڏينهن اڳ مختلف پٽيشنن تي شنوائي ڪئي آهي ان دوران جيڪي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن ته ان مان ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته سڄي سنڌ ۾ رڳو قبضا ئي قبضا آهن ۽ انهن قبضن ۾ وري اهي طاقتور ماڻهو ملوث آهن جن خلاف ڪارروائي ڪندي حڪومت توڙي انتظاميا به ڪيٻائي رهي آهي.سنڌ جون زمينون سون آهن جنهن تي ڪيتري وقت کان وٺي طاقتور ڌرين جون نظرون کتل آهن، هاڻي ته اهو ڪو ڳجهه ئي نه رهيو آهي ته ڪيئن سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري خانگي ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعامل ڪيو وڃي ٿو،انهن سرڪاري زمينن تي قبضن سبب ئي چائنا ڪٽنگ جو اصطلاح به سامهون آيو. پارڪن جي زمينن ۽ ڪميونٽي سينٽرن نالي تي الاٽ ٿيل پلاٽن، نالن جي مٿان قبضا ڪري وڏا شاپنگ مال ،رهائشي اسڪيمون ٺاهيون ويون. سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي ته انهن قبضي خورن جي گهڻ طرفي گهيري ۾ آهي جتي فلاحي پلاٽن جي نالن تي خانگي اسپتالون جوڙي هڪ طرف سرڪاري زمينن تي قبضو ڪيو ويو ته ٻئي طرف عوام کي صحت جي سهولتن جي نالي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي. رڳو ڪراچي شهر ڇا هاڻي ته ڪراچي کان نڪرندي نوري آباد تائين سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي رڳو رهائشي اسڪيمون ئي اسڪيمون آهن ۽ اها خبر به ناهي ته انهي زمينن تي اهي اسڪيمون ٺاهڻ جون قانوني گهرجون به پوريون ڪيون ويون يا رڳو پئسي ۽ طاقت جي زور تي اهي اوچتو ئي اوچتو ايڏا وڏا منصوبا مختلف نالن سان جوڙيا ويا آهن،انهن جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ماحوليات کان وٺي مقامي ڳوٺاڻن جي تحفظ واريون گهرجون پوريون ڪيون ويون يا نه. اها سموري زمين سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهي جنهن جي نگهباني يا مالڪي جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي پر جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت جو چيف جسٽس به اهي ريمارڪس ڏيڻ تي مجبور ٿئي ته ڪراچي کان نوري آباد تائين سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي چڪا آهن ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن منصوبن ۾ ڪي به قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. اها رڳو هڪڙي شهر جي ڪهاڻي آهي اهڙيون مافيائون سنڌ جي هر شهر ۾ موجود آهن جيڪي طاقت ۽ پئسي جي زور تي سرڪاري ۽ بي پهچ ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪري پنهنجا وڏا وڏا منصوبا جوڙيندا رهن ٿا جن کي ڪير روڪڻ وارو ته ناهي پر لڳي ٿو ته کين انتظاميا ۽ حڪومتي سرپرستي به حاصل آهي.
اسان سمجهون ٿا ته اهي قبضا ذميوار انتظاميا جي آشيرواد کان سواءِ ممڪن ئي ناهن جيڪڏهن سرڪاري زمينن تي رهائشي اسڪيمون ٺهي رهيون آهن ته انهن کي روڪڻ لاڳاپيل انتظاميا جو ڪم آهي پر اهي پنهنجي ذميواري نڀائڻ بدران طاقتور ڌرين جون ملازم بڻيل آهن ڄڻ اهي سرڪار نه انهن طاقتور ماڻهن جا ملازم هجن،جيڪڏهن ڪنهن غريب جي مانڊڙي به حدخلين جي آڙ ۾ نه ٿي بچي ته پوءِ ڀلي کڻي ڪيڏيون به وڏيون رهائشي اسڪيمون هجن يا ڪمرشل پلازا يا قبضي جي زمين تي ٺهيل خانگي اسپتالون انهن کي هر حال ۾ ڊهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قانون جڏهن برابري وارو ورتاءُ نه ڪندو ته پوءِ انارڪي جنم وٺندي آهي ۽ قانون تي عمل نه ڪري سگهندڙ معاشرا ڪڏهن به مهذب بڻجي نه سگهندا آهن.