قمبر (رپورٽر) قمبر جي غوثالا محلي جي رهواسي بلڊ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ريڙھو هلائيندڙ پورهيت مشتاق شابراڻي ٽئين ڏينهن به سرڪاري علاج نه ملڻ تي مختلف سماجي اڳواڻن سميت ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته مان بلڊ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا آھيان گذريل 6 سالن کان سول اسپتال ڪراچي مان علاج ۽ مهيني جي ڪورس جي دوا وٺندو هيس پر هينئر 6 مهينن کان سول اسپتال وارن اهو چئي علاج ۽ دوا ڏيڻ بند ڪيو آھي ته سنڌ حڪومت دوائون ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون آھن خانگي اسٽورن تان دوائون وٺو. هن سنڌ جي وڏي وزير۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجو علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.