اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جي وزارتن ۽ ادارن کي اليڪٽرانڪ آفيس (اي آفيس) تي منتقل ڪرڻ بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته اِي آفيس استعمال ڪرڻ جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري نظام ۾ شفافيت آڻڻ آهي، ڪاغذ جو استعمال گهٽ ڪرڻ سان به ماحول تي هاڪاري اثر پوندو. اِي آفيس منتقل ڪرڻ سان قومي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهجن ٿا. وزير اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اِي آفيس کي استعمال ۾ آسان ۽ محفوظ بڻايو وڃي، چيني ڪمپني هواوي سان تعاون جي معاهدي تي اڳڀرائي تيز ڪئي وڃي. اجلاس کي اِي آفيس سسٽم ۽ ان تي عملدرآمد ۽ سڌارن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اي آفيس جي نفاذ جي ڪاميابي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪي پرفارمنس انڊيڪيٽرز تيار ڪيا پيا وڃن، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.