سروسز کاتو ترقيون ماڻيندڙن جا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي پاليسي، آفيسرز ٻڏتر جو شڪار

0
283
سنڌ ۾ عدالتي حڪمن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سروسز کاتي جي اختيارين سليڪشن بورڊ ٽو ۾ ترقين جي منظوري وارا نالا نوٽيفڪيشن کان اڳ ظاهر نه ڪرڻ واري پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي

سروسز کاتي جي نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري پاران لاڳاپيل سيڪشن آفيسر کي نالا راز ۾ رکڻ واريون هدايتون جاري ٿيڻ بعد 13 کاتن جي ڪامورن کي مليل ترقين وارا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن

صحت، ثقافت، ڪاليج ايجوڪيشن، قانون، پاپوليشن، ٻيلي کاتي، معدني وسيلن، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتن جي ڪامورن ۽ انجنيئرن کي چيف سيڪريٽري پاران 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏيڻ باوجود سروسز کاتي جي اختيارين نالا ظاهر نه ڪيا

 چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن طور، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ سپرينٽنڊنٽ آفيسرز، ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر لائيبريري، صحت کاتي ۾ سينيئر آٿوپيڊڪ سرجن، قانون کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، پاپوليشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر ۽ ضلعي ويلفيئر آفيسرز، ٻيلي کاتي ۾ ڪنزرويٽر، معدني وسيلن واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر، اوقاف کاتي ۾ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن، پلانننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۾ سيڪشن چيف، ڪاليج کاتي ۾ چيف لائبريرينن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر، اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ سينيئر هيڊ ماستر سميت ٻين عهدن تي 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ماڻيندڙ ڪامورن جا نالا ظاهر ئي ناهن ڪيا ويا

ان حوالي سان سيڪشن آفيسر جو چوڻ آهي ته  سروسز کاتي جي سيڪريٽري جي منظوري بعد ئي نالا ظاهر ڪيا ويندا

 12 ڊسمبر تي ٿيل سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ 13 کاتن مان رڳو 3 کاتن انفارميشن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ثقافت کاتي جي ڪامورن ۽ انجنيئرن کي ترقين جي منظوري ملي هئي، جنهن بعد 10 کاتن جي ڪامورن کي وري 24 ڊسمبر تي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس  ۾ ٿيل  سليڪشن بورڊ ٽو جي اختيارين پاران 19هين گريڊ ۾ ترقينن جي منظوري ڏني وئي

هلندڙ مهيني سليڪشن بورڊ ٽو جا رڳو هلندڙ مهيني 2 ڀيرا اجلاس ٿيا آهن، پر ان جا اڃا تائين نه منٽس ٺاهيا ويا آهن نه ئي انهن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن جنهن ڪري ترقينن جي منظوري ماڻيندڙ ڪامورا  به ٻڏتر جو شڪار آهن