سردار ڌاڙيلن جي پاٿاريداري ڪندا آهن، پرچي وارا آفيسر مقرر نه ڪبا: نگران گهرو وزير

0
214

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير چيو آهي ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ سياستدان هجي يا ڪو ٻيو ، ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين، رينجرز جي مدد سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي انجام تي پهچايو ويندو

ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سوڌو سنڌ پوليس ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويندا، آفيسرن جي مقررين بابت پرچيون آيون آهن، پرچي وارا آفيسر نه لڳايا ويندا اسان جا ڪي به سياسي مفاد نه آهن

راڻيپور جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، هن ڪيس ۾ ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، وارث ٺاهه ڪندا ته پوليس شاهه رخ ڪيس وانگر پاڻ مدعي بڻجي ويندي

هڪ سوال جي جواب ۾ نگران گهرو وزير چيو ته جان محمد جا قاتل پڪڙينداسين، قاتل ڪچي ۾ لڪي ويا آهن ته اُتي به آپريشن هلي رهيو آهي