سردارن فريادي ۽ شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ حربا هلائڻ شروع ڪيا آهن: ام رباب

0
119

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو ، پ پ ايم پي  ايز سردار احمد چانڊيو، برهان خان  ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، 12 مئي واقعي تي وڪيلن جي احتجاج سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو وارن فريادي ۽ شاهدن تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ حربا هلائڻ شروع ڪيا آهن، ڪهڙي ڏوهه ۾ ڏينهن ڏٺي جو  منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي کي قتل  ڪيو ويو؟

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته دادو: هي ٻڪري يا ڪڪڙ چوري  جو نه پر 3 انسانن جي قتل جو  ڪيس آهي،  اسان کي اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس نه مليو  پر سردار چانڊيو وارن نوٽيس ۽ ڪمشنر جو  ليٽر عدالت ۾ پيش ڪيو

ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته هو ميڊيا ذريعي واقعي کي ذاتي دشمني  جو رنگ ڏئي رهيا آهن پر پاڻ کي بيگناهه  ثابت ناهن ڪري سگهيا، ڊي آءِ جي حيدرآباد جي انڪوائري ۾ سردار چانڊيو پنهنجي بيگناهي ثابت  نه ڪري سگهيو

هي به پڙهندا

جوابدار ايم پي ايز آهن، ٿي سگهي ٿو ته منهنجي خلاف به ايف آءِ آر کڻي اچن: ام رباب