سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي، هڪ اغوا بعد بازياب، پوليس جو چوڻ آهي ته شر ۽ سندراڻي گينگ جي ڏوهاري چوڪي تي ملو ڪري اهلڪار کي شهيد ڪيو، خبرموجب آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ لکڻ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي ٽولي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جمعدار صاحب ڏنو عباسي ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته اهلڪار سيد اسماعيل شاهه زخمي ٿي پيو، حملي بعد ڌاڙيل پوليس اهلڪار عبدالفتاح عباسي کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي سميرنور چنا جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن بعد شهيد اهلڪار صاحب ڏنو عباسي جو مڙهه ۽ زخمي اهلڪار اسماعيل شاهه کي گهوٽڪي اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد شهيد اهلڪار جو مڙهه ميرپورماٿيلو نيو ويو ۽ زخمي اهلڪار اسماعيل شاهه کي وڌيڪ علاج لاءِ گهوٽڪي جي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو، واقعي بعد ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هن جاءِ واردات جو معائنو ڪيو، پوليس ڌاڙيلن پٺيان ڪچي طرف رواني ٿي وئي، جنهن دوران ڇهون بلاڪ ۽ نانگ واهه واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس چوڪي تان اغوا ڪيل پوليس اهلڪار عبدالفتاح سانگي کي بازياب ڪرايو ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اهلڪار جي بازيابي جي تصديق ڪئي آھي.

سندراڻي ۽ شر گينگ پلاند ۾ چوڪي تي حملو ڪيو: ڊي آءِ جي

سرحد: ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته چوڪي تي حملو سندراڻي ۽ شر گينگ جي ڏوهارين گڏجي ڪيو آھي، ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ڌاڙيل پوليس چوڪي ۾ گهڙي آيا ۽ فائرنگ ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻيا ساٿي به هئا جيڪي ڪجهه مفاصلي تي بيٺل هئا، هن جو چوڻ هو ته شهيد پوليس اهلڪار صاحب ڏنو عباسي جي شهادت رائيگان نه ويندي، هن جو پلاند وٺبو، پوليس ڏوهارين پٺيان ڪچي طرف ويل آھي، جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ فائرنگ هلي پئي، ڌاڙيلن جي خاتمي تائين پوليس آپريشن جاري رهندو، هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي جنهن ۾ ڌاڙيل کي ماريو ويو، پلاند ۾ ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس جا حوصلا بلند آهن، 30 ،40 ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا نه ٿيندا.

 

شهيد اهلڪار جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي، پوليس جوانن سلامي ڏني

ميرپورماٿيلو: پوليس پڪٽ تي حملي دوران شهيد ٿيل اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهيد اهلڪار صاحب ڏنو عباسي جي جنازي نماز ايس ايس پي آفيس ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي پير محمد شاھ، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنو، ڊي سي محمد علي شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته مڙھ کي پوليس جي جوانن سلامي پيش ڪئي.

ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار 9 ڌاڙيلن چوڪي تي حملو ڪيو: زخمي اهلڪار

سرحد: زخمي پوليس اهلڪار اسماعيل شاهه صحافين کي ٻڌايو جمعي نماز جي وقت ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار 9 ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، صاحب ڏنو به انهن سان مقابلو ڪيو ۽ فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن بعد هن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چوڪي تي موجود اهلڪارن ڌاڙيلن سان ڀرپور مقابلو ڪيو.