پشاور(بيورورپورٽ) خيبر پختون خوا اسيمبلي سرائيڪي کي پارلياماني ٻولي بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسيمبلي ۾ سرائيڪي ٻولي کي پارلياماني ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ خبيرپختون خوا اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو جيڪو يڪراءِ منظور ڪيو ويو آهي. ان ۾ سرائڪي ۾ پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.