نيويارڪ (م ڊ) سائنسدانن سج جي روشني مان سڌي ريت هائڊروجن ٻارن بنائيندڙ هڪ نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي فائدي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. رائس يونيورسٽي جي انجينيئرز ان کي تيار ڪيو آهي جنهن جا تفصيل هفتيوار رسالي نيچر ۾ ڇپيل آهن. اهو هڪ قسم جو فوٽو اليڪٽرو ڪيميڪل سيل آهي جيڪ هيلائڊ پيروسڪائٽ سيمي ڪنڊڪٽر ۽ اليڪٽرو ڪيٽي لسٽ تي ٻڌل آهي. ان سان گھت خرچ هائڊروجن سيل بڻائڻ ممڪن آهي جيڪو جٽادار طور تي اُس کي صاف هائڊروجن ۾ تبديل ڪري ٿو. ان جو دل ۽ دماغ زنگ کان محفوظ هڪ رڪاوٽي مادو آهي جيڪو سيمي ڪنڊڪٽر کي پاڻي کان ڌار ڪري ٿو ۽ ائين اليڪٽران جو وهڪرو ممڪن ٿيندو رهي ٿو. اهڙيءَ طره ڳڻپ جي طور تي سج جي توانائي جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 21 سيڪڙو هائڊروجن حاصل ڪئي وئي آهي. ماهر چاهين ٿا ته ڪنهن طرح شمسي توانائي کي ڪيميائي طور تي هائڊروجن سازي جوڳو بڻايو وڃي ۽ اهو عمل اليڪٽرو ڪيميڪل انداز ۾ پاڻي کي هائڊروجن ۾ تبديل ڪري ٿو. اُس پوندي ئي اهو هائڊروجن ٺاهڻ لڳي ٿو ڇو جو اسان کي خبر آهي ته پاڻي هائڊروجن ۽ آڪسيجن جو ميلاپ آهي ۽ ان عمل ۾ هائڊروجن سان گڏ آڪسيجن به پيدا ٿئي ٿي. رائس يونيورسٽي جي سائنسدانن لاڳيتو ٻن سالن جي محنت سان اها ايجاد ڪئي آهي. ان کان اڳ اهو عمل گھڻو وقت طلب ۽ مهانگو هو. پر تجرباتي طور تي هائڊروجن کي سٺي طرح حاصل ڪرڻ جو نئون هائڊروجن ٻارڻ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابي حاصل ٿي سگھي ٿي.