سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ۾ ھڪ ڏينھن اڳ 60 رپيا ڪلو وڪامجندڙ ٽماٽو  هڪ سئو رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، بصر سميت ٻين ڀاڄين جي اگهن ۾ اوچتو ھڪ ھڪ سو رپيا في ڪلو تائين اضافو ڪيو ويو آھي. سبزي جي واپارين طرفان من ماني ڪندي شھرين کي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي، جنھن تي سجاول جي شهرين عبدالرشيد ميمڻ، وفا بابو پٺاڻ، علي نواز ملاح، وقار ميمڻ، منظور لاشاري ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر سجاول کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀاڄين جي اگهن ۾ اوچتو واڌ ڪري شهرين کي لٽيندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سبزين جا پراڻا اگھه بحال ڪيا وڃن.