سجاول (رپورٽر) ٽائون ڪاميٽي سجاول جي 32 پڪن ملازمن ٽن مھينن کان بند ھجڻ خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت ٽائون آفيسر ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو. سجاول جي شهري غلام محمد آمڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ٽائون آفيسر سجاول ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ملازمن جون پگھارون بند ڪري بجيٽ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آھي. نان ڪيڊر ٽائون آفيسر جي مقرري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آھي. ٽائون آفيسر کي ھٽائي ملازمن کي پگھارون جاري ڪيون وڃن. اهڙي درخواست تي عدالت ٻڌڻي لاءِ 13 مئي جي تاريخ مقرر ڪندي عملدارن کي طلب ڪري ورتو آھي. ان ڏس ۾ پٽيشنر غلام محمد آمڙي ٻڌايو ته علي محمد کوسو ضلعي ڪائونسل جي اڪائونٽس برانچ جو ملازم آھي، کيس ٽائون آفيسر جي اضافي چارج عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي آهي. ھن ٻڌايو ته 32 پڪن ملازمن جون ٽن مهينن کان پگھارون بند ڪيون ويون آھن ۽ 30 ڪچن ملازمن جي پگھارن مان 2-2 ھزار رپيا غير قانوني طور ڪاٽيا ويا آهن.