خيرپور ناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ شهر ۾ صفائي نه ڪرائڻ خلاف شھرين ميونسپل آفيس جي مک دروازي اڳيان سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن وڪيلن، واپارين، صحافين توڙي شهرين سيد حسن علي شاھ ، بار صدر ايڊووڪيٽ همت علي گاڏهي، سيد عرفان علي شاھ، ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ کهرو، صحافي فياض جعفري ايڊووڪيٽ ، اسد نظام چانڊيو، سڪندر کوکر، ڪامران چانڊيو، ماجد ٻگهيو، ڪاشف چانڊيو، عبدالعزيز چانڊيو، سيد اظهار شاھ، سيد مظهر علي شاھ، حاجي اصغر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ 3 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ڪروڙين رپين جي ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود شھر جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي انتظاميا جي نااهلي سبب شھري سخت پريشان ٿي ويا آھن ڪيترن محلن جو ڊرينج سسٽم مڪمل طور تي تباهه آھي. شھري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن چيو ته چونڊيل نمائندن شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن شهر جي صفائي جو مسئلو حل نه ٿيو ته شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.