سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عرضي ڀٽو ۾ ھڪ مھينو اڳ نديم ڀٽو جي دڪان مان ٽن ھٿياربند ڦورن 5 لک رپيا روڪ ۽ ٽي موبائل فون ڦر ڪيا هئا، ڳوٺاڻن ڦورن جو پيڇو ڪيو ته ڦورن ھڪ ڄڻي اعظم لانگاھ کي گولي ھڻي زخمي ڪيو، ڳوٺاڻن ھڪ ڦورو شڪارپور واسي آفتاب شيخ کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو ھو، پوليس دڪاندار نديم ڀٽو جي فرياد تي آفتاب شيخ، صداقت ڀٽو ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو ھو، سجاول پوليس گرفتار ڦورو آفتاب شيخ جي نشاندھي تي سکر واسي پوليس اھلڪار صداقت ڀٽو ۽ عرضي ڀٽو واسي محبوب ڀٽو کي گرفتار ڪيو ھو، عرضي ڀٽو واسي محبوب ڀٽو ڏوھه جو اعتراف ڪيو ھو، ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حاجي غلام ياسين مھيسر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، ٻنھي ڌرين جا مشير مير لياقت خان رند، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين حاجي قمرالدين گوپانگ، سردار آغا علي نواز جلباڻي ۽ طارق علي سومرو شرڪت ڪئي، ڳالهيون ٻڌڻ بعد محبوب ڀٽو مٿان 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، 2 لک رپيا محبوب ڀٽو جي وارثن کي معاف ڪيا ويا، بقايه رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جرڳي ۾ ڦورن هٿان زخمي ٿيل اعظم  لانگاھه جو فيصلو نه ٿيو، نه ئي گرفتار ڦورو شڪارپور واسي آفتاب شيخ جا وارث ۽ نه سکر واسي پوليس اھلڪار جا وارث فيصلي م نه آيا، سجاول پوليس ٻڌايو ته ڦر واقعي ۾ سکر واسي پوليس اھلڪار صداقت ڀٽو ۽ شڪارپور واسي آفتاب شيخ جو ڪيس چالان ڪري ٻنهي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.