سکر: مالوند، واپاري شاھد سبي بلوچستان جي ڀلوڙ نسل جا قرباني وارا خوبصورت قداور جانور مال پڙي تي وڪري لاءِ کڻي پھتو آھي، نوجوانن، ٻارڙن طرفان ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ توڙي انھن جانورن جي مال پڙيءَ ۾ سونھن جا چرچا آھن. مالوند مطابق في قربانيءَ جي وڏي جانور جو وزن 25 کان 30 مڻ آھي، جنھن جي قيمت 20 لک روپيا آھن، پر خريدار اڌ رقم کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن رقم تي ھو ڪڏھن به سودو نه ڪندو. ڇو جو ايتريءَ رقم ته جانور جي ٽن سالن جي پرورش تي خرچ ٿي وڃي ٿي، جنھن کي سٺي کاڌ خورڪ کارائڻ سان گڏ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ميڊيسن پڻ ڏني ويندي آھي. ھن چيو ته پوري مال پڙيءَ ۾ ڄاڻايل جانورن کان وڌيڪ قداور يا خوبصورت جانور ڪو به ناھي. ڪراچيءَ ۾ ساڳي جانور جو ريٽ 50 کان 80 لک ھجي ٿو. اُتي به ھن جانور وڪرو ڪيا آھن ھِتي ڪو به مناسب ريٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. پوءِ به ٽي ڍور منھنجا وڪرو ٿي چڪا آھن.