سانگهڙ ۾ پ پ اميدوار پاران ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري بيان جو نوٽيس

0
46

اليڪشن ڪميشن سانگهڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 41 تي پ پ اميدوار پاران ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري بيان جو نوٽيس ورتو

ٽائيم نيوز تان خبر نشر ٿيڻ بعد اميدوار علي حسن هنڱورو کي سڀاڻي ضلعي مانيٽرنگ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن موجب علي حسن هنڱورو چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، علي حسن هنڱورو ڪارنر گڏجاڻي دوران پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون هيون

علي حسن ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪي ڪارڪن اميدوارن جي حمايت نه ڪندا انهن جو حشر سڄو ضلعو ڏسندو