سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ قتل ٿيل امام بخش درس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي، وڪيل تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان تي مک جوابدار جو نالو ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.