سامونڊي طوفان: 38هزار مهاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو  آهي: مراد شاهه

0
238
بلاول وزيراعظم ٿيندو: سنڌ کي اسڪيمون نه مليون ته وفاق سان گڏ هلي نٿا سگهون: مراد علي شاهه
بلاول وزيراعظم ٿيندو: سنڌ کي اسڪيمون نه مليون ته وفاق سان گڏ هلي نٿا سگهون: مراد علي شاهه

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته طوفان جي خطري سبب سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان هزارين ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي، فوج، نيوي، رينجرز ۽ انتظاميا جي مدد سان ماڻهن کي ٻيٽن ۽ ڪريڪس تان محفوظ هنڌن تي پهچايو پيو وڃي

جاتي جي ساحلي علائقن مان ڪيترائي خاندان رليف ڪيمپس ۾ پهچي ويا، ٺٽو، بدين، سجاول، گولاڙچي، چوهڙ جمالي ۽ ٻين ساحلي علائقن مان به لڏپلاڻ جاري آهي

بدين جي زيرو پوائنٽ وارن علائقن مان به هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا  آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته هيل تائين 38 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري چڪا آهيون

وڏي وزير ملير جي ساحلي پٽيءَ جو دورو به ڪيو، وڏي وزير ريڙهي ڳوٺ، ابراهيم حيدري ۽ چشما ڳوٺ پهچي سمنڊ جي صورتحال جو جائزو ورتو

وڏي وزير چيو ته سامونڊي ويرون چڙهڻ سان چشما ڳوٺ ٻڏي ويندو، ملير جي ساحلي پٽي جي 15 هزار کان وڌيڪ متاثرين جي رهائش لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ عمارتن ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

پاڪستان ۽ سامونڊي طوفان: منهنجي والد کي سمنڊ جون ڇوليون کڻي ويون هيون