سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان رڳو 130 ڪلو ميٽر پري

0
409
سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان رڳو 130 ڪلو ميٽر پري
سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان رڳو 130 ڪلو ميٽر پري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بائپرجواءِ ڪراچي کان 220، ٺٽو کان 210 ۽ ڪيٽي بندر کان 130 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو

وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته طوفان اڄ رات ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجي ويندو، طوفان کان اڳ ئي سامونڊي ويرن ساحلي علائقن ۾ تباهي مچائڻ شروع ڪري ڏني

ڪيٽي بندر لڳ حفاظتي رنگ بند ٽٽي پيو، ڳوٺ حاجي صديق فقيراڻي سميت مختلف ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

کاروڇاڻ، جوهو مهل ۽ ٻيٽ ميهار جي رنگ بندن کي به خطرو آهي، جاتي جي ساحلي پٽيءَ ۾ به سامونڊي لهرون بچاءُ بند ٽپي آيون

طوفان جي اثرن سبب ڪراچي جي ملير، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پئي آهي

حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان ۽ مٺي ۾ به وسڪارو ٿيو، ٺٽو، ميرپورساڪرو، ماتلي، گهارو، راڄوخاناڻي، ڪيٽي بندر ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي آهي

سيراڻي، غلام شاهه موري، نئون آباد، نئون ڪوٽ، چيلهار ۽ ڪنري ۾ به برسات پئي آهي، طوفاني هوائون گهلڻ سبب ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

هن کي به پڙهندا

بائپر جواءِ طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، سامونڊي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ

ساحلي علائقن سميت مختلف شهرن ۾ طوفان کان اڳ سامونڊي ويرن ۽ برسات جي تباهي