سامونڊي جهاز جو خشڪي تي چڙهڻ

0
191

جهاز جي گرائونڊ ٿيڻ تي ان کي مٿي کڻڻ جو اهو به طريقو آهي ته ان مان وزن لاٿو وڃي. هن جهاز تي هڪ ته ڪنٽينر آهن- يعني گھٽ ۾ گھٽ ته به هر هڪ 20 کان 25 ٽن وزني آهي، جنهن کي لاهڻ لاءِ خاص ڪرين کپي. ٻي ڳالهه ته هي جهاز جنهن تانگهي پاڻيءَ ۾ ڦاٿو پيو آهي ان ۾ ته اسان جي بندرگاهه جو ٽگ به نه اچي سگھندو، جو ان ٽگ جو ڊرافٽ به گھڻو ٿئي ٿو ۽ هن ڦاٿل جھاز جي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڻ به سمنڊ جي تري ۾ ڦاسي پوندو. ان وقت ته سمجھه ۾ نه پئي آيو ته هي جھاز هن پاسي ڪيئن آيو- بندرگاهه ۾ گھڙڻ وارو چئنل ته ٻئي پاسي ٿيو ۽ ٻي ڳالهه ته هي جھاز ايڏو گھڻو ڪناري ڏي ڪيئن ڌوڪجي آيو! خبر ناهي جھاز جي ڪئپٽن کان غلطي ٿي يا اسان جي بندرگاهه جي پائليٽ (ڪئپٽن) کان، جيڪي جھازن کي بندرگاهه ۾ وٺي اچن ٿا.
“جھاز جي آفيسرن کي ڇو نظربنديءَ ۾ رکيو ويو آهي؟” ڪنهن مون کان پڇيو.
“جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن اهو به نه ڏٺو ته سامهون ڪنارو (بيچ) آهي، جنهن تي ماڻهو بيٺا آهن؟” ٻئي پڇيو.
اهي ٻه اهڙا سوال آهن جن بابت هر عام ماڻهو پڇي ٿو ۽ انهن بابت وضاحت ڏيندو هلان ته جهاز ڪار وانگر نٿو هلي. جهاز کي ڦيٿا ناهن ۽ نه بريڪ. جھاز کي بيهارڻ لاءِ انجڻ بند ڪرڻي پوي ٿي. پر ايئن ناهي ته انجڻ بند ڪرڻ تي جھاز ان ئي وقت ۽ اتي ئي بيهي رهندو. جھاز جي پٺ ۾ پنکو (پروپيلر) ٿئي ٿو. انجڻ پروپيلر کي گھمائي ٿي ۽ اهو سمنڊ ۾ گھمڻ سان جھاز يا ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪي ٿو. انجڻ بند ڪرڻ سان ٻن ٽن ڦيرن بعد اهو پنکو ته بيهي رهي ٿو پر جھاز نٿو بيهي، اهو پنهنجي مومينٽم ۾ ڇهه ست ميل اڳتي رڙهي رڙهي پوءِ بيهي ٿو ۽ اهو فاصلو جھاز جي وزن ۽ ان جي فائنل اسپيڊ تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾ انجڻ بند ڪئي وئي. سو ايئن ممڪن ناهي ته سامهون ماڻهو ڏسي پويان پير ڪجن. ٻي ڳالهه ته سمنڊ تي ايڏو ڌنڌ رهي ٿو جو اکين سان ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ ناممڪن آهي. نيويگيشنل چارٽن (نقشن) ۽ ريڊار ذريعي ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڪٿي سمنڊ ڪيترو اونهو آهي ۽ ڪيترو تانگھو … ۽ سامهون وارا جھاز ڪهڙو ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهن ۽ ڪهڙي رفتار سان ۽ اسان جي رستي ۾ ڪهڙو اچي سگھي ٿو ۽ ان کان بچاءُ لاءِ اسان کي کاٻي ٿيڻو آهي يا ساڄي. خشڪي تي هلندڙ ٽرئفڪ وانگر ناهي ته هر ڪار، لاري، ٽرڪ رستي جو کاٻو پاسو وٺي هلي ٿي.
جھاز کي پٺيان موڙڻ به سولو ڪم ناهي. ميل ٻن جي دائري ۾ ڦرڻو پوي ٿو. ٻاهرين ملڪن کان جڏهن ڪراچيءَ جهاز اچن ٿا ته اهي هر بندرگاهه وانگر اسان جي بندرگاهه جي ٻاهران لنگر ڪيرائي بيهن ٿا. پوءِ ڪراچي بندرگاهه جو پائليٽ (ڪئپٽن) “پائليٽ بوٽ” ۾ ان جهاز وٽ پهچي ٿو ۽ جھاز تان رسي جي ڏاڪڻ لڙڪائي وڃي ٿي، جنهن کي پائليٽ لئڊر (ڏاڪڻ) سڏجي ٿو. پائليٽ ان ڏاڪڻ ذريعي ان جھاز تي چڙهي جھاز جي برج- يعني ڪنٽرول روم ۾ اچي ٿو ۽ جھاز جا particulars (ڪاغذ پَٽَ) -ڊيگھه، ويڪر، سامان جو وزن، انجڻ جي رفتار وغيره وغيره معلوم ڪري پوءِ جھاز کي هلڻ لاءِ چوي ٿو ته ڪيتري رفتار تي ۽ ڪهڙي طرف هلي. جھاز جو ڪئپٽن پنهنجي ٻين نيويگيٽرن جي مدد سان پائليٽ جي چوڻ مطابق جهاز کي ان ريت هلائي ٿو.
جھاز کلئي- يعني اونهي سمنڊ کان منهوڙي جو رخ رکي ٿو، جتي انگريزن جي ڏينهن جو بريڪ واٽر ٺهيل آهي، جيڪو سمنڊ جي وڏين ويرن جو ڪافي حد تائين بچاءُ ڪري ٿو. ان Break Water  وٽان پائليٽ کي ڪياماڙيءَڏي موڙڻوپوي ٿو،جواهو رستوبندرگاهه۾ داخل ٿيڻ جو آهي ۽ اهو رستو (چئنل) اونهو ٿئي ٿو ۽ ان جي اونهائي قائم رکڻ لاءِ هر وقت ان چئنل جي ڊريزنگ (کوٽائي) ٿيندي رهي ٿي. چئنل ۾ صحيح طرح داخل ٿيڻ لاءِ پائليٽ پنهنجي تجربي موجب جهاز جي ڊيگھه، ويڪر، وزن، رفتار کي ڌيان ۾ رکي ان حساب سان صحيح وقت ۽ هنڌ تان موڙي ٿو. ڇو جو جيڪڏهن جهاز ٿورڙو به پائليٽ جي غلطي يا خراب سمنڊ ڪري توائي ٿي سڄي پاسي وڌي ويو ته ان پاسي ڪلفٽن بيچ آهي- يعني تانگھو پاڻي آهي ۽ جھاز سمنڊ جي تري ۾ ڦاسي يا اونڌو ٿي سگھي ٿو. ان ڪري پائليٽ يعني مقامي ڄاڻ رکندڙ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو جھازي ڪئپٽن وڏي تجربي هوندي به وڏي خيال سان هر قسم جي جھاز کي ٻاهران کلئي سمنڊ کان اندر بندرگاهه ۾ وٺي اچي ٿو ۽ وري اندران جھاز کي هاڪاري ٻاهر تائين پهچائي، جھاز جي ڪئپٽن حوالي ڪري ٿو ته هاڻ جنهن ملڪ ڏي وڃڻو اٿئي ان ڏي هليو وڃ. پاڻ بندرگاهه جي پائليٽ بوٽ ذريعي بندرگاهه ڏي موٽيو اچي.
هر بندرگاهه وٽ پنهنجا ٽگ بوٽ جھاز، پائليٽ بوٽ ۽ ڇهه ست جھازن جا تجربيڪار ڪئپٽن (پائليٽ) ٿين ٿا، جن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ موسم، هوائن جي رخ ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا چڙهندڙ ۽ لهندڙ سامونڊي ويرن جي وقت جي خبر رهي ٿي ۽ پوءِ جھاز جي سائيز ۽ وزن کي ڌيان ۾ رکي ان کي سلامتيءَ سان بندرگاهه ۾ پهچائين ۽ ٻاهر ڪڍن ٿا.
ٽگَ (Tugs)  ننڍڙاٻيڙاٿين ٿا،جن۾بيحدطاقتورانجڻ ٿئي ٿي. جهازکي ڇڪڻ يا ڌِڪاڏئي جيٽيءَسان لڳائڻ۾اهي مددڪن ٿا. ياد رهي ته جهازفقط اڳيان۽پويان هلي سگھي ٿو. کيس پاسي تي ڪرڻ ياسمنڊجي وهڪري۾اڳيان پويان وهي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ ٽگ بوٽن جي مدد وٺجي ٿي. 
هڪ ٻي ڳالهه ته دنيا جو هر سمنڊ 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا اڀامي ٿو- يعني ٻه دفعاHigh Tide ٿئي ٿي ۽ ٻه دفعا سمنڊ سُسي ٿو يعني Low Tide ٿئي ٿي، جنهن جي ٽائيم جو فرق چنڊ سان لاڳاپيل آهي. چوڏهين تاريخ تي اها هاءِ ٽائيڊ اڃان به وڌيڪ اڀامي ٿي. جهاز کي ٻاهران اندر يا اندران ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ پائليٽ هاءِ ٽائيڊ جو انتظار ڪري ٿو، جيئن هو تار پاڻيءَ مان جھاز کي وٺي هلي ۽ جهاز جي گرائونڊ ٿيڻ جي چانس گھٽ رهي. جھاز جي گرائونڊ ٿيڻ جو مطلب لکي چڪو آهيان ته گھٽ پاڻي ۽ گھڻي وزن ڪري جھاز جو هيٺيون حصو سمنڊ جي تري سان وڃيو لڳي ۽ گھڪڻ ڪري اهو ريتي يا گپ ۾ چنبڙيو وڃي ۽ پوءِ ڀلي جھاز کي پٺيان هلاءِ، اهو هيڏي هوڏي نٿو ٿئي. جهاز جي زمين سان لڳڻ ڪري ڪن حالتن ۾ جھاز جي تري واري لوهي چادر رهڙجي ڦاٽيو وڃي ۽ جھاز جي تري وارين ٽانڪين ۾ رکيل تيل ٻاهر نڪري سمنڊ ۽ ماحول کي خراب ڪريو ڇڏي.
گھڻو گھڻو اڳ جولاءِ 2003ع ۾ “تاسمن اسپرٽ” نالي هڪ جھاز بريڪ واٽر ٽپڻ سان گرائونڊ ٿي ويو. ان جهاز کي ٻاهران آڻڻ لاءِ پائليٽ جيتوڻيڪ صحيح وقت تي پهتو هو، پر جھاز ۾ انجڻ جي مسئلي ۽ ٻين ڳالهين ڪري اڍائي ڪلاڪ دير ٿي وئي ۽ هاءِ ٽائيڊ ڪافي گھٽجي وئي. ان ڪري جھاز جي گرائونڊ ٿيڻ جو جوکو وڌي ويو. گرائونڊ ٿيڻ بعد ان مان ليِڪ ٿي نڪرندڙ تيل ميلن تائين سمنڊ کي خراب ۽ زهريلو ڪري ڇڏيو ۽ روزانو لکين مڇيون مري ڪناري تي ڌپ ڪرڻ لڳيون. ٻئي طرف تيل جا جزا هوا سان ملي ايڏي ته ساهه جي ٻوسٽ ڪرڻ لڳا جو ڪلفٽن پاسي جا رهاڪو لَڏڻ لڳا. ڪيترا ته ڦڦڙن جي بيمارين ۾ وٺجي ويا.
در اصل تيل پاڻيءَ کان هلڪو ٿئي ٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ته تمام گھڻو هلڪو آهي، سو تيل سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ بدران مٿان ترندو رهي ٿو. فقط هڪ بالٽي تيل به ميل جي پسگردائيءَ ۾ پکڙجيو وڃي ۽ هن جھاز “تاسمن اسپرٽ” تي ته 6700 ٽن تيل هو. هڪ ٽن ۾ هزار ليٽر تيل ٿئي ٿو- سو توهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ڇا حالت ٿي هوندي! سعودي قونصل خاني، گذري ۽ پنجاب ڪالوني تائين هوا ۾ تيل جي زهريلي جزن جي ڌپ هئي. بهرحال ان جو تفصيلي احوال “موج نه سهي مڪڙي” ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان.
سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ چنڊ جي ڪشش ڪري 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا هاءِ ٽائيڊ اچي ٿي- يعني سمنڊ ۾ اڀام اچي ٿي، جنهن ڪري دنيا ۾ سمنڊ ۾ موجود ننڍا ننڍا ٻيٽ جيڪي ايڏا وڏا اوچا نه آهن، سمنڊ هيٺ اچيو وڃن، پاڻي ڪناري کان اڳتي شهر ڏي هليو اچي- يعني هاءِ ٽائيڊ مهل سمنڊ جو پاڻي ڪلفٽن جي مين روڊ ويجھو اچيو وڃي. اهو ڪم سڄو سال پيو هلي. بلڪه هر روز ٻاهر بيٺل جهاز کي اندر وٺي اچڻ لاءِ يا بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز کي سلامتيءَ سان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اهو وقت بهتر آهي جڏهن هاءِ ٽائيڊ آهي. روز ڪنهن وقت هاءِ ٽائيڊ ٿئي ٿي،ڪنهن وقت لو ٽائيڊ، ان جو هر بندرگاهه لاءِ سڄي سال جو چارٽ ايئن ٺهيل ٿئي ٿو، جيئن رمضان جي مهيني ۾ افطار ۽ سحريءَ جو.
پاڻيءَ جي ان اوڀاري ۽ لهواري کان سواءِ عربي سمنڊ ۾ (جنهن جي ڪناري تي ڪراچي، ڪڇ، گجرات، ممبئي وغيره آهي)، هر سال سانوڻيءَ جي موسم يعني “مون سون” ۾ هوائون، طوفان، ڪُنَ ۽ لهرون رهن ٿيون. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا ڪراچي، ٺٽي ۽ ان جي آس پاس جي سامونڊي اٿل پٿل ۽ طوفانن کان بيحد خراب آهن. ايتري قدر جو انهن مهينن ۾ ماڻهن کي سامونڊي بِيچن (هاڪس بي، سئنڊس پٽ، ڪلفٽن وارن ڪنارن) وٽ بيهڻ کان روڪيو وڃي ٿو. سمنڊ جي فطرت کان اڻ واقف ماڻهو، پاڻ کي بهادر يا تارو هجڻ جي ناز ۾ سمنڊ ڏي ڌوڪي ويندا آهن. خبر تڏهن پوندي اٿن جڏهن سندن پيرن هيٺان ريتي نڪري ويندي آهي، يا ڪا ڪُنَ(under Current) کين اونهي سمنڊ ۾ ڇڪي ويندو آهي. ان کي بچائڻ جي خيال کان هن جا دوست يا مائٽ هن پويان ويندا آهن ته اهي به ٻڏي ويندا آهن. پوءِ ڪن جا لاش Low Tide ۾ ڪناري ڏي موٽي اچي اڇلبا آهن ته ڪن جا لاش اونهي سمنڊ ڏي هليا ويندا آهن ۽ مڇين جو کاڄ ٿي ويندا آهن. ان ڪري هنن مهينن ۾ اسان وٽ سمنڊ جي ڪنارن تي وڃڻ لاءِ حڪومت طرفان چتاءَ ڏنا ويندا آهن ۽ جيتوڻيڪ ماڻهن کي روڪڻ لاءِ پوليس جي به ڊيوٽي لڳائي وڃي ٿي پر هر سال ڪجھه بيوقوف پاڻ کي پهلوان سمجھي، سمنڊ ۾ ڪاهيو پون ۽ حادثي جو شڪار ٿين ٿا.(حصو ٻيو )