سامارو (ن پ ا) ساماري ڀرسان ڳوٺ ليکو مالهي ۾ گهر واري 19ورهين جي گنگا زال ڏيون ڪولهي جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي وارثن ۽ سامارو  پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ناري جي ڀاءُ روپو ڪولهي ٻڌايو ته گنگا جي 4 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.