ساحلي پٽي ۾ طوفاني هوائن دوران بجلي جا پول ۽ ٽاور ڪِري پيا

0
245

ڪراچي: ساحلي پٽي ۾ طوفاني هوائن دوران بجلي جا پول ۽ ٽاور ڪِري پيا، ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته گولاڙچي، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن ۾ 18 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، طوفاني هوائن دوران سجاول گرڊ اسٽيشن جو ٽاور ۽ چوهڙ جمالي ۾ بجلي جا پول ڪِري پيا

 132 ڪي وي سجاول لاڏيون ٽرانسميشن لائين جو سرڪٽ ايس جي ڊبليو ٽو ٽرپ ٿي ويو، ٽاور لوڪيشن نمبر 3 ڪِرڻ سبب لاڏيون گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، حيسڪو جو عملو موجود آهي، پر خراب موسم ۽ طوفاني هوائن سبب مرمتي ڪم ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن

طوفاني هوائن سبب عمرڪوٽ ۽ بدين گرڊ اسٽيشنز جا 14 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، چوهڙ جمالي ۾ 12 پول ڪرڻ سبب ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، بجلي بند هجڻ سبب ساحلي پٽي جي ماڻهن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا

هي به پڙهندا

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي باوجود خطرو برقرار