ساجن سِڌايو هي سَکي…!

0
127
ساجن سِڌايو هي سَکي...!

 مارواڙي شاعريءَ ۾ جتي مينهن ۽ نِينهن جو ذڪر ملي ٿو، اُتي وڇوڙي جو ورڻن به وڏن لفظن ۾ لکيل آھي. وڇوڙو جيڪو ماڻهوءَ جا واڻ وڍي ڇڏيندو آھي، پوءِ اُهو محبوب جو هُجي يا وطن جو هُجي. وڇوڙو بس وڇوڙو ٿيندو آھي. وڇوڙي جو ڪوبه رنگ يا نسل ناهي هوندو پر پوءِ به هُو پنهنجا ڪيئي رنگ ڇڏي ويندو آھي. هُو بن بن ڀٽڪائي راجا مان رنڪ بڻائيندي دير ئي ناهي ڪندو. وڇوڙو در در جو بابُو بيکاري بڻائي جوڳي ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آھي. فراق جي ڦٽن ۾ ڦٿڪندڙ دلين جو درد جيڪو دُوهن جي رُوپ ۾ مارواڙي شاعريءَ ۾ ملي ٿو، اهڙو شايد ئي ڪٿي ملندو هُجي. مارواڙي شاعريءَ ۾ وڇوڙي جي وياڪلتا ايڏي ته شاندار انداز ۾ بيان ڪيل آھي، جنهن کي پڙھي ماڻهوءَ جو دماغ دنگ رهجي وڃي ٿو. اڪيليءَ عورت جي اندر جي آنڌ مانڌ کي مارواڙي شاعرن ڪيڏو نه زبردست نموني سان پيش ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪٿي محبوب جي وڇڙڻ جي ڳالهه ٻُڌي هانوَ ڦاٽڻ جي ڳالهه هلي ٿي ته ڪٿي عورت رات کي چوي پئي ته ايڏي وڌي وڃ، جو ڪڏھن به پرڀات نه ٿئي، نه ئي سج اُڀري جو مُنهنجو ساجن وڇڙي وڃي. ڪٿي پکين جُون لاتيون ڪاتيون بڻجي اڪيلي عورت جي اندر مان آروپار ٿيندي ملن ٿيون ته ڪٿي وري تلاءَ جو پاڻي هيلون هڻندي ڪاري نانگ وانگي ڦُڻ کڻي کائي ٿو. اهو ڪمال مارواڙي شاعر ئي ڪري سگهن ٿا، جنهن ۾ هڪڙي عورت پنهنجي پِيا کي پِني کارائڻ پسند ڪري ٿي، پر پاڻ کان پري وڃڻ نٿي ڏئي ۽ چوي ٿي ته اُها زبان ئي ڪپي ڪوري ڇڏيان، جيڪا توکي چئي ته مُون کان پري ٿي. جُدائيءَ ۾ جلندڙ عورت جي اندر کي جنهن ريت مارواڙي ڪَوِين پنهنجي ڪوتا ۾ پويو آھي، اھڙا مثال گهٽ ملن ٿا. ساجن سواءِ نِڙيءَ مان هيٺ ‘نوالو’ نه وڃڻ ۽ سرير ۾ ساھ جو نه سمائجڻ کان وٺي سموري وستيءَ جي ويرانيءَ تائين انيڪ اھڙا رنگ آھن، جن کي پڙھي ماڻهوءَ جُون اکيون پُرنم ٿيو پون ٿيون.

مارواڙي شاعري پڙھندي توهان کي اهو محسوس ٿيندو ته “کٿيري ئي خُوب ۽ ميري ئي محبوب” جي اهميت ڇا هُوندي آھي. تارن ڀري رات ۾ پِرين جي تات، ڪات وانگي ڪيڏا وڍ وجهندي آھي. جُدائيءَ جي جوالا مُکيءَ ۾ جلندڙ جوانين کي واهوندي جو واءُ ڪهڙا گهاوَ ڏيندو آھي. محبُوب جي وڇوڙي جو پهريون سجُ وڄ وانگي ڪيئن ڪڙڪندو آھي. جهيڻي جُھڙ جُون برف جھڙيون بُوندون ٽانڊن وانگي ڇو ٽپڪنديون آھن. اوجاڳن جي عذاب ۾ انتظاري، بيقراري بڻجي ننڊ جي نگريءَ کي ڪيئن ويران ڪندي آھي. ڪيئن “چانڊوڪيءَ ۾ چُوڙا چَڪ هڻندا آھن.” پِرين بنان پکين جُون مٺيون ٻوليون گوليون بڻجي گهاوَ ڇو ڪنديون آھن. ڀري تُري دُنيا ويران وستيءَ جو ڏيک ڏيئي ڏيل ڇو ڏنگيندي آھي. اهو سڀ ڪُجهه اوهان کي مارواڙي دوهن ۾ ملندو ته اچو اهڙي انمول شاعريءَ مان ٿورو حظ حاصل ڪندا هلون:

ساجن سِڌاسي هي سکي، پرات اُگنت ڀاڻ،

وڌيجي مهانري راتڙي، ڪڌي نا هووي ٻهاڻ.

(اي سکي! ٻُڌو اٿم سج اُڳي جو ساجن وڇڙي ويندو. اي مُنهنجي رات! تُون ايڏي وڌي وڃ، جو ڪڏھن به پرڀات نه ڦُٽي.)

اها آھي ماراوڙي شاعري، جنهن ۾ عورت جي اندر جي ڪيفيت کي ڪيڏو نه باريڪ بينيءَ سان نروار ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ هڪڙي عورت سڄي عُمر اونداهي سهي سگهي ٿي پر ساجن جي جُدائيءَ جو هڪڙو پل به نٿي سهن ڪري سگهي.

ڦِٽ هينئان ڦاٽيو نهين، ڪِس وِڌ ٻانڌيو نيهه،

وڇڙنت هي سارو رهيو، تانٻي جڙيو لوھ.

(اي هينئان! يڪدم ڇو ڪونه ڦاٽين. اها ڪهڙي مُحبت ٿي، جنهن ۾ محبوب وڇڙي وڃي ۽ ماڻهوءَ جو هينئون نه ڦاٽي! ساجن جي جُدائيءَ ۾ جو ثابت رهيو، اهو هينئون پڪ سان لوھ يا ٽامي جو ٺهيل هوندو).

آج سکي هم يُون سُڻيو، پو ڦاٽنت پيو گُوڻ،

پو اور هينوڙي هيڙ هي، پهلي ڦاٽي ڪُوڻ.

(اي سکي! اڄ ٻُڌو اٿم باک ڦُٽي مهل ساجن وڇڙي ويندو، ان ڪري باک ۽ دل جو مقابلو لڳو پيو آھي ته پهرين ڪير ٿو ڦُٽي ۽ ڦاٽي).

سَمن پريت لگائي ڪي، ڏُور ڏيس مَت جاوَ،

وسو هماري نگري، هم مانگُون تُم کاوَ.

(اي محبوب! مُحبت ڪرڻ کان پوءِ پرديس نه وڃ. دل لڳيءَ جو درد ڏاڍو ڏُکيو آھي. مون کان سهن ڪونه ٿيندو. پريت ڪرڻ کان پوءِ پل به پري نه ٿي. هتي ئي منهنجي نگريءَ ۾ رهي پئو. آئون پِني اينديس ۽ تُون کائج.)

ڇا ته شاعري آھي! مُحبت ۾ ايڏي قرباني جو ذڪر شايد ئي ڪٿي ملي، جنهن ۾ محبوبا پنهنجي پيار لاءِ بيکاري بڻجي وڃي. پِنڻ پسند ڪري پر پرينءَ کي پرديس وڃڻ نه ڏئي.

ٿي سِڌاوو سِڌ ڪرو، ٻھُو گُڻونتان ناٿ،

سا جيڀا سَت کَنڊ هووي، جيڻ ڪهيجي جات.

(اي مُنهنجا محبوب! تُون سڪون سان مُون وٽ رهي پئو. تو ۾ ڪيئي گُڻ آھن. اُھا زبان ئي ست ٽُڪر ٿي وڃي، جيڪا توکي وڃڻ جو چئي.)

ڪمال جي شاعري آهي!

ساجن سِڌايو هي سَکي، جهيڻي اوڏي کيهه،

هينوڙي واڏڙ ڇائيو، نيڻي ٽٻُوڪي ميهه.

(اي مُنهنجي سهيلي! اڄ مُنهنجو ساجن وڇڙي ويو آھي ۽ اڱڻ ۾ هلڪي هلڪي ڌُوڙ اُڏامي پيئي. ساجن جي وڇوڙي ۾ وياڪل منهنجي مَن تي ڏُک جا ڪڪر ڇائنجي ويا آھن. اکين مان جُھڙ جهمي رهيو آھي).

ساجن سِڌايو هي سَکي، آڏا ڏي گيا پهاڙ،

نوڪوٽي نگري وَسي، مانرو ڀاوَ اُجاڙ.

(اي سکي! اڄ مُنهنجو ساجن وڇڙي ويو آھي. هُو آڏا ڏونگر ڏيئي ڪيئي لڪ لنگهي ويو آھي. هُو ايڏو ڏُور هليو ويو آھي، جو کيس ڏسي به نٿي سگهان. ٻيو سمورو راڄ ويٺو آھي. سڄي نگري وسي پيئي پر مُنهنجو اڱڻ سڃو ٿي ويو آھي).

ساجن سِڌايو هي سَکي، سُونا ڪري اَواس،

گلي نه پاڻي اُتري، هينئان نه ماوي ساس.

(اي سکي! اڄ مُنهنجو ساجن وڇڙي ويو آھي ۽ سڄو گهر تڙ ويران ڪري ويو آھي. مُنهنجي نڙيءَ مان هيٺ پاڻي ڍُڪ نٿو لهي. ڏَنجهه ۽ رنج ۾ گلو ڀرجي وڃي ٿو. پيٽ ۾ ساھ نٿو سامائجي. اهڙي ڪيفيت ۾ جيئڻ به ڀلا ڪو جيئڻ آھي؟)

ساجن سِڌايو هي سَکي، وي گُهڙلي اَسوار،

ويڻان هويو نه ٻولڻو، نيڻان چالي ڌار.

(اي سکي! اڄ مُنهنجو ساجن وڇڙي ويو آھي، هُو گهوڙي تي چڙھي هليو ويو ۽ آئون فقط ڏسندي ئي رهجي ويس. چپ چُري نه سگهيا جو ٻه اکر موڪلاڻي مهل ڳالهائي سگهان. رُڳو روئندي رهيس. اکين مان انچل ڌار لُڙڪ لار ڪري وهندا رهيا).

ساجن سِڌايو هي سَکي، پاڇا ڦر ڦر جهانڪ،

جوئي جوئي اُوٺي جاوتان، روئي روئي ڦُوٽي آنک.

(اي سکي! اڄ مُنهنجو ساجن وڇڙي ويو آھي. هُو ويندي ويندي يڪو پوئتي پاڇلون ڦوري ڏسندو ويو ۽ آئون يڪ ٽڪ کيس ويندي ڏسندي رهيس. هُن کي ويندي ويندي ڏسي اکيون اُٿي پيون ۽ روئي روئي ڦاٽي پيون).

ڪُوڪ ڪَرون تو جگ هسي، چُپ ڪي لاگي لاءِ،

ايسي ڪَٺن پريت ڪي، ڪِڻ وِڌ ڪَرُون اُپاءِ.

(رڙيون ڪريان ٿي ته راڄُ کِلي ٿو. ماڻهو ٽوڪون ڪن ٿا ۽ ماٺ ڪري ويهان ٿي ته اندر ۾ باھ ٻري ٿي. ضمير تي ضرب اچي ٿي. اهڙي ڪَٺن ڪيفيت ۾ پِيار جي پَت بچائڻ خاطر ڪهڙو اُپاءُ ڪريان؟)

آھ ڪَرُون تو جگ جلي، جنگل ڀي جل جاءِ،

پاپي جيوڙو نا جلي، جانءِ ۾ آھ سماءِ.

(دانهن ڪريان ٿي ته دُنيا ٻَري ٿي، جهر جهنگ سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو، پر هي وجود نٿو ٻَري، جنهن ۾ اها آهه وسي ٿي.)

ڪيڏي نه ڪٺن پيڙا جي پرچار ٿيل آھي، هن مارواڙي شاعريءَ ۾! ڀٽائيءَ واري ساڳي ڪيفت “وڃن وڻ ٻَري” ملي ٿي.

گهٽ ۾ رهي نه گهاٽ ۾، گهر ۾ رهي نه ٻاهر،

بن بن تن ڀٽڪيو ڦري، من موهن ري لار.

(نه وجود ۾ رهان ٿي، نه گهر گهاٽ ۾، منهنجو تَن ۽ مَن بس جهر جهنگ ۾ ساجن پويان پيو لُڇي.)

بيوسيءَ جي انتها تي پهتل محبت جو ذڪر هن دوهي ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ شاعر چوي ٿو ته آئون پاڻ، پاڻ ۾ موجود ناهيان، نه منهنجو من گهر گهاٽ ۾ لڳي ٿو، بس سڄو ڏينهن ۽ رات تن ۽ من ۾ رڳو ساجن جي تات آھي.

جيٺا گهڙي نا جائي، جمارو ڪِيم جاوسي،

ولکتڙي رھ جائي، جوڳڻ ڪر گيو جيٺوا.

(اي محبوب! هڪڙو پَل تو سواءِ نٿو ڪَٽجي، هي عُمر ڪيئن گُذرندي! ڪيڏي نه عذاب ڀري آهه آھي، جنهن ۾ عورت پنهنجي محبوب کي انتهائي بيوسيءَ مان چوي پيئي ته وڇوڙي جو وقت ڪيئن گُذرندو. رڳو روئندي رهجي ويئي آھيان. تُون ته جوڳڻ ڪري ويو آھين).

ڪُونجهڙليان ڪرلو ڪيو، گهر پاڇلي وڻاھ،

سُوتي ساجن سانڀريا، درھ ڀريا نيڻاھ.

(اڄ گهر جي پوئين پاسي وڻن ۾ ڪُونجون ڪُرلي رهيون هيون. مون کي سُتي سُتي ساجن جي ياد اچي ويئي ۽ نيڻن جا حوض لُڙڪن سان لبريز ٿي ويا).

اري پپيها بانوَرا، آڌي رات نا ڪُوڪ،

هولي هولي سُلگتي، سو تين ڏاڙي ڦُوڪ.

(اي پپيها! آڌيءَ جو اُٿي نه دانھُون ڪر. آئون ڌيري ڌيري دُکي رهي آھيان. تُون ڪُوڪ ڪري مُون کي هڪڙي ڦُوڪ سان نه جلائي).

ٻاٻل تال ڦُڙائي ڏئي، ڪُونجان ڏي مرواءِ،

مڌُر ڪالي نانگ جُون، جهالا ڏي ڏي کاءِ.

(اي بابل! اهو تلاءِ پورائي ڏئي ۽ اهي ڪُونجون به مارائي ڇڏ، اهو تلاءِ مون کي ڪاري نانگ وانگي کائي ٿو. ڪُونجون ڪاتي وانگي لڳن ٿيون).

پيهُون پيهُون ڪرڻ ري بُري پپيها ٻاڻ،

ٿانرو سهج سڀاوَ او، مهانرو لاگي ٻاڻ.

(اي پپيها! پيهُون پيهُون واري وائي وات نه وار، اها مون کي بُري ٻاڻ وانگي لڳي ٿي، اندر ۾ گهاوَ ڪري ٿي. مڃيان ٿي تُنهنجي اها فطرت آھي پر مُون کي محبوب کان سواءِ تير ڪمان وانگي لڳي ٿي).

سر ڪاٽُون ري موريا، ڪاٽُون سر رو ڦُول،

ڍڙتي راتج گَھڪيو، هينوڙي پاڙيو سُول.

(اي مور! تُنهنجو مٿو وڍيان ۽ مٿي جي ڪلنگي به وڍيان، تو آڌي رات جو ٽھُوڪا ڪري منهنجي اندر ۾ سُتل سُور جاڳايو آھي).

موران مين تَني ورجيو، مت چڙ ٻول کجُور،

ٿانرا جلهر ٽھُڪوڙي، مهانرا ساجن ڏُور.

(اي مور! مُون توکي چيو هو، تون کجيءَ تي چڙھي نه ٽھوڪا ڪر، توکي تُنهنجو مينهن پيارو آھي، مُون کي منهنجو ساجن، پر منهنجو ساجن مون کان ڏُور آھي. ان ڪري تُون ٽھُوڪا نه ڪر).