سائين جي ايم سيد جي سالگرهه: درياهه واري بنگلي تي راڳ جي محفل، مشعل بردار ريلي

0
71

ڄامشورو/سن (نمائندن وٽان) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جو 120 هون جنم ڏهاڙو اڄ 17 جنوري تي ملهايو پيو وڃي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سن ۾ سائين جي ايم سيد جي تاريخي پراڻي درياھه واري بنگلي تي  صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي

جنهن ۾ قومي راڳي وقار ملاح، مصرور علي ۽ صوفي فنڪار سيد الھورايو شاھ جاني چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن سرن ورکا  ڪئي. جڏهن ته  سائين جي ايم سيد سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ  قومي ڪارڪن اديبن شاعرن سوڌو مختلف مڪتب وفڪر سان لاڳاپيلن جا قافلا سن پهچڻ شروع ٿي ويا آهن

ضلعي ڄامشوري جي سيوهڻ ڄامشورو انڊس هاءِ وي روڊ تي استقباليا ڪيمپون ۽ روڊ جي ٻنهين طرفن کي ڳاڙهن جھنڊن سان سينگاريو ويو آهي

هوڏانهن  سن شھر کي ڳاڙھن جھنڊن سان سينگاريو ويو ۽ بينرن سان شھر جي مين چوڪ  گيٽ ٺاھيو ويو آهي، ٻي طرف ايس يو پي اڳواڻن پاران  مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي

جيڪا شھر جي مختلف گھٽين مان ٿيندي سائين جي ايم سيد جي مزار تي پهتي، اڳواڻن پاران مزار تي  گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري  وئي