سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ٽرائل روڪڻ جو حڪم

0
114

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ٽرائل روڪي ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪئي وئي آهي

عدالت فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته جيل ٽرائل جي منظوري جو طريقو قانوني نه هو، ٽرائل ڪورٽ جج جي خط تي جيل ٽرائل جِي منظوري ڏني وئي

جيل ٽرائل لاءِ جج جڊيشل آرڊر جاري ڪندو آهي، جڊيشل آرڊر جي ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي آهي، اُن کانپوءِ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آهي

عدالتي فيصلي ۾ جيل ٽرائل جون ٻڌڻيون به ڪالعدم قرارڏنو ويو آهي

عدالت چيو ته غيرمعمولي حالتن ۾ ٽرائل جيل ۾ ڪري سگهجي ٿو، جيل ٽرائل اوپن يا ان ڪيميرا به ٿي سگهي ٿو

عدالت پاران سائفر ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ جج ابو الحسنات ذوالقرنين جي مقرري درست قرار ڏني وئي