اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جو ٽرائل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ عدالت چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ يقيني بڻائي ته جوابدارن جي عزت ۽ وقار تي ڪو حرف نه اچي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فرد جرم جي ڪارروائي خلاف شاهه محمود قريشي جي درخواست به رد ڪئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيل ٽرائل جو مطلب ان ڪئميرا ٻڌڻي ناهي پر اوپن ٽرائل ئي آهي، جيل اختياريون ۽ حڪومت سيڪيورٽي کي ڏسندي وڌ کان وڌ ماڻهن جي عدالتي ڪارروائي ڏسڻ کي يقيني بڻائين. عدالت حڪم ڏنو ته سائفر ڪيس ۾ هر حوالي سان اوپن ۽ شفاف ٽرائل کي يقيني بڻايو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڏي سياسي جماعت جو سربراهه آهي، سندس سيڪيورٽي سبب جيل ٽرائل ٿي رهيو آهي، ان جي فيملي سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري چڪي آهي، هر ٻڌڻي تي جيل مان عدالت آڻڻ سان سيڪيورٽي خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا. لکت فيصلي جي متن موجب ڪا پروسيڊنگ رڳو ان بنياد تي ڪالعدم نٿي ٿي سگهي ته غلط جاءِ تي ٿي، جيستائين انصاف جي فراهمي ۾ ناڪامي ظاهر نه هجي ته پروسيڊنگ ڪالعدم نٿي ٿي سگهي، آئين جي آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ ان ڪيس ۾ لاڳو نٿي ٿئي، آفيشل فرضن جي ادائيگي دوران لڳايل ڪرمنل الزامن تي آرٽيڪل 248 لاڳو ٿئي ٿو، پراسيڪيوشن موجب بني گالا اجلاس ۾ سائفر سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي سازش تيار ٿي.