سائره بانو جي دليپ ڪمار سان پهرين ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي.؟

0
602

ڪراچي(م ڊ) ننڍي کنڊ جي عظيم اداڪارن 54 سال گڏ گذارڻ کانپوءِ پنهنجي گهر واري سائره بانو کي تنها ڪري هليو ويو، پر هن ٻنهي اداڪارن جي محبت جي به هڪ پنهنجي ڪهاڻي آهي، اچو ته ڪجهه ڄاڻيون هن سدا بهار جوڙي جي محبت جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون.
سائره بانو جي دليپ ڪمار سان پهرين ملاقات
مداح ته پنهنجي پسنديده اداڪار جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن پر سائره بانو جي محبت دليپ ڪمار جي لاءِ ايتري ته سچي هئي جو قدرت ٻنهي جو ساٿ مقدر ۾ لکي ڇڏيو هو، 12 سالن جي عمر ۾ سائره بانو کي ان وقت چمڪندڙ ستاري دليپ ڪمار سان محبت ٿي وئي جنهن وقت ان جي عمر 34 سال هئي، سائره بانو جي والده نسيم بانو به هڪ اداڪاره هئي، جڏهن ته سائره بانو فلمي ڪيريئر جو آغاز 16 سالن جي عمر سان ڪيو، سائره بانو ۽ دليپ ڪمار جي ملاقات ادڪاره جي والده جي ڪري ٿي، سائره بانو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻڌايو هو ته ان وقت پنهنجي اندرهڪ طلسم کڻي سمايل هو، دليپ مون کي هڪ خوبصورت ڇوڪري قرار ڏنو هو، ان جي تبصري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، منهنجا هواس مون کي چئي رهيا هئا ته مان هن جي زال ٿينديس،
شادي جي آڇ
ٻنهي اداڪارن جي ملاقات جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن بعد دليپ ڪمار سائره بانو کي فلم (جهڪ گيا آسمان) جي شوٽنگ دوران شادي جي آڇ ڪئي، ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪار جي مڱڻي واري ڏينهن تي هڪ عورت هن جي گرل فرينڊ جي دعويٰ ڪئي هئي، عورت نشي واريون گوريون کاڌيون هيون، بعد ۾ جڏهن هي ڳالهه دليپ ڪمار جي علم ۾ آندو ويو ته هو پاڻ هن جي گهر ويو ۽ خيريت دريافت ڪئي،

شاي جي وقت
سائره بانو۽ دليپ ڪمار جي شادي 11 آڪٽوبر 1966 ۾ ٿي، ان وقت سائره بانو 22 سالن جي ۽ دليپ ڪمار جي عمر 44 سال هئي، سائره بانو ۽ دليپ ڪمار کي شادي کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جن مان هڪ اداڪاره کي سائره بانو جي صحت جو مسئلو هو، سائره بانو 1972 ۾ پيٽ سان ٿي پر طبي مسئلن جي ڪري هوءَ ٻار کي جنم نه ڏئي سگهي، هن واقعي سان ٻنهي تي ڪافي اثر پيا.
ٻي شادي
شهنشاهه جذبات جي لقب سان مشهور دليپ ڪمار 1981 ۾ اسما رحمان نالي عورت سان ٻي شادي ڪئي جيڪا صرف ٻه سال تائين هلي سگهي، پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ اداڪارهن شادي کي زندگي ۾ وڏي غلطي قرار ڏنو هو، دليپ ڪمار جي اسما سان ملاقات حيدرآباد ۾ هڪ ڪرڪيٽ ميچ جي دوران ٿي هئي، سائره بانو 1976 ۾ اداڪاري ڇڏي پنهنجو سڄو وقت پنهنجي مڙس لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، 2014 ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سائره بانو جو چوڻ هو ته مان هاڻي به يوسف صاحب سان ايتري محبت ڪندي آهيان جو پهرين دفعو ڏسي ڪري محسوس ڪئي هئي..