ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ پاران سنڌ سرڪار کي 45 ڏينهن اندر ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾ مستقل وي سي مقرر ڪرڻ جو حڪم ، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته وي سي جي مقرري بابت سرچ ڪاميٽي پنهنجون سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن, عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته سرچ ڪاميٽي جون سفارشون ڪٿي آهن؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته سرچ ڪاميٽي جون سفارشون حساس آهن, عدالت چيو ته انهي ۾ حساس واري ڪهڙي ڳالهه آهي؟ سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته صوبي جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقررين جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن, عدالت چيو ته هڪ وي سي تي اڳ ۾ ئي ڪم جو گهڻو دٻاءُ هوندو آهي، اهو ٻي يونيورسٽي جا معاملا ڪيئن ٿو ڏسي سگهي؟ جنهن تي يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي  جي وڪيل چيو ته اسان توهان کي يقين ٿا ڏياريون ته جلد کان جلد وي سي جي مقرري لاءِ نئون اشتهار ڏينداسين, اسان کي هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن مستقل وي سي جي مقرري بابت هدايتون وٺون، سپريم ڪورٽ جي فيصلن مطابق درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي, عدالت ۾ زيبل جي وي سي  لاءِ سنڌ حڪومت جي وڪيل پاران جسٽس( ر) مشتاق ۽ سلمان طالب الدين ۽ درخوست گذار پاران راڻا تنوير ۽ قاضي خالد جا نالا تجويز ڪيا ويا، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته 45 ڏينهن ۾ مستقل وي سي مقرر ڪيو وڃي, ٻي صورت ۾ سنڌ حڪومت ۽ درخواست گذار جي  وڪيلن پاران تجويز ڪيل 4 نالن مان ڪنهن هڪ کي وي سي مقرر ڪيو ويندو .