واشنگٽن (دلچسپ نيوز)  زمين کان 53 نوري سال پري زمين جيترو سيارو دريافت ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دريافت ڪيل سيارو پنهنجي ستارن جي چوڌاري 8 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪندو آهي، اهو سيارو جنهن خلائي جهاز ڳوليو آهي ان کي گذريل سال ئي لانچ ڪيو ويو هو. تحقيق ڪندڙن چيو آهي ته ان سياري جو ستارو آهي اهو اسان جي سج کان 20 سيڪڙو ننڍو آهي. هڪ سائنسدان جو چوڻ آهي ته جيڪي ستارا اسان جي گھڻو ويجهو آهن ۽ وڌيڪ روشن آهن، اميد آهي ته انهن جا ڪيترائي زمين جيترا سيارا دريافت ٿي ويندا.