ٽنڊو ڄام: زرعي يونيورسٽي ملازمن پاران قسطن بدران فل ليوانڪيشمنٽ لاءِ ڌرڻو ڪيو ويو.ان ڏس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي زرعي يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، انور گوپانگ، جميل مري، مير گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج کي خطاب ڪندي ملازمن چيو ته وائيس چانسلر ملازمن کي ٻن قسطن بجائي فل ليوانڪيشمنٽ ڏي، زرعي يونيورسٽي جي ملازم تنظيم جي صدر اصغر خاصخيلي چيو ته وائيس چانسلر اڳئي ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ جو فيلصو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ دڙو پاڻ ۾ ساھ وجهڻ لاءِ اجايو احتجاج ڪيو آهي. ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي جي ملازم تنظيم جي صدر محمد علي گنهگاري چيو ته 25 سيڪڙو ليوانڪيشمنٽ ڏئي ناجائزي ڪئي آهي، فل ڏني وڃي، لمس يونيورسٽي جي ملازم تنظيم جي صدر سعيد لاشاري ليوانڪيشمنٽ ملڻ جو اعتراف ڪيو.