ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي تحقيق اداري ۾ جو قبضي هيٺ آيل ڪوارٽر خالي نه ٿيو. معاملو تڪراري بڻجي ويو، زرعي يونيورسٽي جي سڪيورٽي آفيسر قبضو ڪيل ڪوارٽر خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي جي ريسرچ فائنل نوٺيس ڏيندي اڄ وڳي تائين ڪوارٽر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڄ ڪوارٽر خالي نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ زرعي تحقيقي اداري ملازمن سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ڪوارٽر خالي ڪرائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، رابطو ڪرڻ تي ملازم تنظيم جي صدر ملوڪ اڄڻ ٻڌايو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جو سيڪورٽي آفيسر زرعي تحقيقي اداري جي ڪوارٽر تي قبضو ڪري ويٺل آهي کيس ٻه ڏينهن اڳ ڪوارٽر خالي ڪرڻ لاءِ نوٺيس جاري ڪيا ويا هئا، ڪالھ فائنل نوٺيس ڏنو ويو آهي، هن، چيو ته ڊائريڪٽر جنرل سنڌ نور محمد بلوچ واضح هدايتون جاري ڪيو آهن، هوڏانهن زرعي يونيورسٽي جي سڪيورٽي آفيسر اشرف رستماڻي الاٽ مينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين کي ليٽر لکي ملازم تنظيم سارنگيا جي صدر مٿان سنگين الزام مڙهيا آهن، سيڪورٽي آفيسر اشرف رستماڻي انڪشاف ڪيو آهي ته پ پ اڳواڻ عمران ٻٻر، هڪ قومپرست اڳواڻ جي ڀاءُ اصغر سولنگي، غلام سرور سومرو، رشيد ڪونڌر، نور احمد مخدوم، جاويد ٽالپر سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو ڪوارٽر تي قبضو ڪري ويٺل آهن، هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ملازم تنظيم جي صدر ملوڪ اڄڻ ڪالوني ۾ منشيات وڪرو ڪري ٿو، صدر مٿان سنگين الزام مڙهڻ بعد زرعي تحقيقي اداري جي ملازمن جو ڪالھ ميرپورخاص ۽ ڏوڪري ۾ سيڪورٽي آفيسر اشرف رستماڻي خلاف احتجاج ڪيو ويو.