ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بجيٽ ۾ رٿابندي کاتي جي آپريشنل خرچن لاءِ 5 ارب 20 ڪروڙ 22 لک 8 هزار رپيا رکيا اويا،کاتي به ايتري ئي رقم جو مطالبو ڪيو هو، جيڪا سئو سيڪڙو بنا ڪٽوتي جي فراهم ڪئي وئي. شماريات بيورو جي ڊويزنل ۽ضلعي آفيسن، سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي رهائشگاهه جي مرمت، هوائي سفر ۽ ڪارن جي تيل جي خرچن لاءِ هڪ ڪروڙ 89 هزار رپيا رکيا ويا. شماريات کاتي جي علائقائي اڪائونٽس جي تياري لاءِ هڪ ڪروڙ 96 لک 67 هزار رپيا، رتيديري ۾ فيلڊ آفيس ۽ رهائشگاهه لاءِ 7 لک هڪ هزار رپيا، کاتي پاران سروي، سيمينار ڪرائڻ ۽ پبليڪيشن لاءِ 5 ڪروڙ 90 لک رپيا، کاتي جو آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر بهتر بڻائڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. شماريات بيورو جي ڪل بجيٽ 15 ڪروڙ 26 لک 88 هزار رپيا رکي وئي آهي. پي اينڊ ڊي جي غربت جي خاتمي واري پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام لاءِ 2 ارب 56 ڪروڙ هڪ لک 51 هزار رپيا، ان ۾ واڌاري لاءِ هڪ ارب رپيا، چئن ضلعن ۾ پروگرام جي ٽئين مرحلي لاءِ 31 ڪروڙ 98 لک 34 هزار رپيا، سنڌ جي 11 شهرن جو ماسٽر پلان جوڙڻ لاءِ 8 ڪروڙ 60 لک رپيا، رورل گروٿ سينٽر ٺاهڻ لاءِ 3 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، شعبي لاءِ مجموعي طور تي 4 ارب 3 ڪروڙ 29 لک 85 هزار رپيا رکيا ويا آهن. کاتي جي اسٽيٽيڪل ۽ اڪنامڪ رسرچ شعبي ۾ سسٽينبل ڊولپمينٽ گولز پروگرام لاءِ 5 ڪروڙ رپيا، ڪراچي نيبرهوڊ پراجيڪٽ لاءِ 5 ڪروڙ 43 لک 52 هزار رپيا، مختلف فزيبلٽي اسٽيڊيز لاءِ 25 ڪروڙ رپيا، ڪيپيسٽي آگمينٽيشن جي مد ۾ ٻين خرچن لاءِ 65 لک 60 هزار رپيا، آبپاشي بابت رٿا سواٽ لاءِ 9 ڪروڙ رپيا، کاتي جي مختلف آفيسن ۾ افرادي قوت جي بهتري ۽ ٻين خرچن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا، فلڊ ايمرجنسي بحالي رٿا جي خرچن لاءِ 4 ڪروڙ رپيا، سواٽ جي پي اينڊ ڊي جي حصي لاءِ 20 ڪروڙ، ڊيٽا سينٽرز جي بهتري لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڪل 84 ڪروڙ 9 لک 12 هزار رپيا رکيا ويا آهن. کاتي جي پاڻي فراهمي ۽ صفائي جي شعبي ۾ ميونسپل خدمتن جي فراهمي لاءِ 17 ڪروڙ 56 لک 23 هزار رپيا رکيا ويا آهن،