رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان ڳوٺاڻي جي گهر  کي پراسرار نموني باهه لڳي وئي، گهر ۾ پيل روڪ رقم ۽ گهريلو استعمال وارو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، مال جي واڙي ۾ بيٺل 4 ڍور پڻ سڙي زخمي ٿي پيا. خبر موجب رپڙي ڀرسان ڳوٺ لعل ڪنڀر ۾ پورھيت نديم شيخ جي گهر کي اوچتو پراسرار نموني باھ لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ پيل 30 ھزار رپيا روڪ، ھنڌ بسترا، کٽون، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته مال جي واڙي ۾ بيٺل ھڪ مينهن، ڳئون، ٻڪري ۽ ٻڪر پڻ سڙي زخمي ٿي پيا آهن. ان ڏس ۾ پورھيت جو چوڻ هو ته اسين فصل ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين، پويان گهر کي باھ لڳي. ڪنهن سان به دشمني ناهي. ڳوٺاڻن پاران گهڻي ڪوشش باوجود باھ وسامي نه سگهي. ھن ڊي سي خيرپور ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، مدد ڪئي وڃي.