اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ اڳوڻي چيف جسٽسز، صدر، رٽائرڊ جسٽس جا ٺٺ، حاصل ڪيل دستاويزن موجب اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ماهوار پينشن 10 لک 73 هزار رپيا آهي، عمر عطا بنديال جي ماهوار پينشن 9 لک 29 هزار رپيا آهي، افتخار چوڌري جي پينشن 11 لک 66 هزار رپيا آهي. دستاويزن موجب اڳوڻي صدر عارف علوي جي پينشن 7 لک 19 هزار رپيا آهي، مرحوم ممنون حسين جي گهرواري محموده ممنون کي 5 لک 39 هزار رپيا ماهوار پينشن ڏني ويندي آهي. جسٽس رٽائرڊ شيخ رياض احمد جي پينشن 16 لک رپيا آهي، جسٽس شيخ رياض احمد فيبروري 2002ع کان ڊسمبر 2003ع تائين چيف جسٽس رهيو. جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان جي ماهوار پينشن 16 لک رپين کان وڌيڪ آهي، جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان اپريل کان ڊسمبر 1996ع تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو. سال 2000ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهندڙ رٽائرڊ جسٽس ميان محمد اجمل جي پينشن 16 لک رپيا آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد جي پينشن 16 لک رپيا آهي. ناصر اسلم زاهد 1991ع کان 1992ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ بعد ۾ وفاقي شرعي عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جو جج به رهيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس شيخ اعجاز ناصر جي پينشن 16 لک رپيا آهي. سال 2005ع کان 2008ع تائين رهندڙ سپريم ڪورٽ جو جسٽس رهندڙ سيد سعيد اشهد جي ماهوار پينشن به 16 لک رپين کان وڌيڪ آهي. دستاويزن موجب رٽائرڊ جسٽس خليل الرحمان رمدي جي پينشن 14 لک روپين کان وڌيڪ آهي. جسٽس رٽائرڊ عبدالحميد ڊوگر، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال، جسٽس رٽائرڊ فلڪ شير، جسٽس رٽائرڊ چوڌري اعجاز يوسف، جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر، جسٽس رٽائرڊ راڻا فياض احمد، جسٽس رٽائرڊ غلام رباني، جسٽس رٽائرڊ رحمت حسين جعفري، جسٽس رٽائرڊ محمد شير علي ۽  جسٽس رٽائرڊ اعجاز احمد چوڌري جي پينشن 14، 14 لک روپيا آهي.