لاڊر هل(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون. محمدعامر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر ٻيهر رٽائرمينٽ جي فيصلي جي ترديد ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته رٽائرمينٽ بابت اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو. گذريل ڏينهن پاڪستان جي عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻنهي ڪرڪيٽرز طرفان تمام جلد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو باظابطا اعلان ڪيو ويندو، جنهن بعد محمد عامر ۽ عماد وسيم صرف ليگ ڪرڪيٽ ۾ کيڏندا.