ريڻي ڪئنال رٿا رد ڪرڻ جا ڪارڻ ڪھڙا؟

0
164
ريڻي ڪئنال رٿا رد ڪرڻ جا ڪارڻ ڪھڙا؟

مرحوم پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ۽ ايم ايل اي سردار علي گوهر خان اول جي استدعا تي صدر آغا اسڪندر مرزا 1958ع ۾ گڊو بئراج جو پيڙهه وارو پٿر رکيو. هن بئراج جي کٻي ۽ سڄي پاسي ٻه ٻه ڪئنال ڪڍڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن موجب سڄي پاسي ڊزرٽ پٽ فيڊر ۽ بيگاري سنڌ يا بي ايس فيڊر ۽ کٻي پاسي گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال ڪڍڻ جو پلان ترتيب ڏنو ويو پر سرمائي جي اڻ هوند جو سبب ڄاڻائي ريڻي ڪئنال واري رٿا کي مؤخر  ڪري بئراج جي تياري سان گڏ اٺن سالن ۾ 3 عدد ڪئنال تيار ڪيا ويا ۽ بئراج جي تڪميل 1966ع ۾ ٿي، جنھن جو افتتاح صدر ايوب خان ڪيو ۽ ان موقعي تي سندس آڏو سردار مرحوم غلام محمد خان مھر ريڻي ڪئنال جي گهر ڪئي ته ساڻس ان ڏس ۾ ترت قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو ويو. بئراج جي تياري سان 28 لک ايڪڙ جي زمين آباد ٿيڻ سان سبز انقلاب آيو پر ٿرين جا ٿڪ لهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ هنن جي اسڪيم ريڻي يا ٿر ڪئنال گذريل 65 سالن کان وٺي رولڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري ڪنهن به سهڻي سپني جي ساڀيان ٿيڻ جو سبب نه بڻجي سگهي آهي. جنهن جو هڪ ڪارڻ ته مٿي مذڪور مرحوم جو موڪلائڻ به آهي. اسان لوڪ ٿل دي اين ڪڻو رلدي ساڏي وارث وصال پا ڳئي سنڌ سرڪار 1983ع ۾ ريڻي ڪئنال رٿا جي فني رپورٽ ترتيب ڏيڻ لاءِ ميسرز نيسپاڪ لميٽيڊ لاهور کي ذميواري ڏني، جنهن 1984ع ۾ اسڪيم کي عمدوقرار ڏئي فيور ۾ فائنل رپورٽ سرڪار جي سپرد ڪئي، جنهن کان پوءِ وري سنڌ حڪومت ميسرز پاڪستان آرچيٽيڪٽس اينڊ ڪنسلٽنٽ انجنيئر کي مارچ 1988ع ۾ پي سي ون ٺاهڻ جي ذميواري ڏني، جنهن جي تڪميل بعد 1993ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مظفر علي شاهه هن اسڪيم جي پيڙهه وارو پٿر رکيو پر سندس حڪومت جي تبديلي سبب اهو پورهيو پار پئجي نه سگهيو.  سن 2002ع ۾ صدر پرويز مشرف جي اقتدار ۾ پنجاب صوبي کي 15 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ بلوچستان صوبي جي سورن جي سد باب لاءِ ست لک ايڪڙ آباد ڪرڻ لاءِ ڪڇي ڪئنال جي اسڪيم ڏيڻ سان گڏ سنڌ کي “اٺ جي وات ۾ جيري” جيتري نهايت ننڍڙي اسڪيم ريڻي ڪئنال ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ذريعي چار لک ٻارهن هزار ايڪڙ ايراضي آباد ڪرڻ جو پلان پڌرو ڪيو ويو، جيڪا گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن لاءِ ئي مختص ڪئي وئي ۽ ديگر ٿر لاءِ مٺي تائين الڳ ٿر ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو هتي ريڻي ڪئنال تي معلومات اوهان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ڪري اڄ پاڻ فقط ريڻي ڪئنال تي مباحثو ڪريون ته بهتر آهي.

ريڻي ڪئنال جو اعلان ٿيڻ شرط سندس ابن ڏاڏن جي ابتڙ موجوده سردار علي گوهر خان مهر ثاني سکر ۽ خيرپور ضلعي جي ناظمن کي ساڻس صلاحي بڻائي سري کان ئي هن ڪئنال جي مخالفت لاءِ سندرو ٻڌي بيهي رهيو ۽ ڄاڻايل ٻنهي ناظمن کي بانهن ٻيلي بڻائي صدر مملڪت کي خط لکي واضح ڪيائين ته اسان کي ته اها اسڪيم ئي نه کپي. سندن مخالفت جا بنيادي ٻه سبب سامهون آيا، هڪ سبب اهو ته علي گوهر خان سندس ۽ ڀائرن جي 58 هزار ايڪڙ ايراضي آباد ڪرڻ لاءِ ٻه مائنرز گهوٽڪي فيڊر جي ناري واهه مان ڪنڍو مائينر ۽ ڊزرٽ مائنر نويڪلا تيار ڪرائي ورتا، جنهن ڪري کيس ريڻي ڪيئنال جي گهڻي گهرج ڪانه رهي ۽ ٻيو مک مسئلو اهو هو ته ٽنهي ضلعن جي ڄاڻايل صحرائي پٽي ۾ پير صاحب پاڳاري جي حر جماعت جو هڪ وڏو انگ آباد آهي، جنهن کي سند سرڪار مختلف دورن سن 1965”، 1978”، 1984” ۽ 1991ع ۾ لکين ايڪڙ ايراضي وڪڻي ڪئنال جي قيمت کان وڌيڪ رقم وصول ڪري کين پاڻي ڏيڻ لاءِ ايريگيشن جي ايگزيڪيٽو انجنيئرز ڏانهن هن متن تي مشتمل خط لکي خالي خاطري ڪرائي. May kindly be made for water supply

پر اڃا تائين پاڻي کان پرڀرو رکيو آهي ۽ ريڻي ڪئنال ذريعي گهڻو فائدو ان ڪميونٽي کي ٿئي پيو جنهن ڳالهه تي کين ڪثير تعداد ۾ ڪس لڳي پئي، جنهن ڪري مخالفت لاءِ مهاڙ واري مورچي تي هي نرمل ماڻهو نڪري پيا. جنهن لاءِ صدر صاحب ڪراچي ۾ ڪٺ به گهرايو، جنهن ۾ ساٿين سميت هن فقير کي  به حاضر ٿيڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ قدرت واري ڪلمات جي ڪاريگري فراهم ڪئي ۽ نتيجي ۾ ڄاڻايل مڙني ڊارلنگ جا ڊائلاگ ڊسٽ بن حوالي ٿيا ۽ راڻن رٿا منظور ڪئي، جنهن جي شروعات آڪٽوبر 2022ع ۾ 32 ارب روپين جي قيمت واري ڪٿ سان ٿي. جملي ڊيگهه 145 ڪلوميٽر مقرر ڪئي وئي ۽ 304 مائينرز يا ڊسٽريبيوٽريز جي 1318 ڪلوميٽر مسافت طئي ڪئي وئي. هن ڪئنال جو ڪم ٻن مرحلن يعني فيز ون  فيز ٽُو ۾ ورهايو ويو.  فيز ون گڊو کان تعلقي خانپور مهر جي علائقي ڀاڳسر تائين 115 ڪلوميٽر مفاصلي تائين مقرر ڪيو ويو، جنهن جي ڪمانڊ واري ايراضي تقريباً سوا هڪ لک ايڪڙ طئي ڪئي وئي ۽ فيز ٽُو ڀاڳسر کان خيرپور ضلعي ناري جي مائي نيامت ۽ راڄڙ ڍنڍ تائين 60 ڪلوميٽر مين ڪئنال جي لينٿ طئي ڪئي وئي. جنهن جي ڪمانڊ واري ايراضي سکر ضلعي جي تعلقي صالح پٽ ۽ ناري تعلقي جي 3 لک ايڪڙ مقرر ڪئي ويئي. هن ڪئنال جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 5155 ڪيوسڪ مقرر ڪئي وئي، جنهن لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪئنال جو فيز ون جنوري 2014ع تائين ڏهن سالن ۾ ساڍا 19 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو آهي، جنهن گڊو کان کينجهو بنگلو تائين هيڊ ريگيوليٽر کان وٺي اَي ريگيوليٽر 181 آر ڊي يا 60 ڪلوميٽر حصو ڪچو تعمير ٿيو آهي، جڏهن ته ڀاڳسر تائين 55 ڪلوميٽر پڪو ڪئنال تيار ٿيو آهي ۽ هن مان نڪرندڙ سموريون شاخون ۽ مائينرز به پڪيون تيار ڪيون ويون آهن. ريڻي ڪئنال جي ڄاڻايل فيز نمبر هڪ جي مڪمل ٿيڻ بعد لاڳيتو 8 سالن تائين هٿ ٺوڪين ۽ جڙتو جوازن تحت نه ئي سنڌ جي آبپاشي کاتي چارج سنڀالي ۽ نه ئي وري مٿي ذڪر ڪيل خانزادن جي خصوصي خيانت سبب ريڻي جي فيز ٻه جي اين او سي يا اجازت ڏني وئي. گهڻي هڻ هڻان ۽ مٿا ميٽ بعد تازو جنوري 2022  تي هن ڪئنال کي ايريگيشن کاتي ٽيڪ اوور ڪيو آهي، جنهن سان اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته هن ڪئنال جو فيز ٻه مڪمل طور تي رد ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هي ڪئنال هاڻ فقط ڀاڳسر تائين سوا لک ايڪڙ ايراضي آباد ڪرڻ تائين محيط رهندو ۽ بقايا 3 لک ايڪڙ آباد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندڙ فيز ٻه جي سنڌ حڪومت اين او سي يا اجزت ڏيڻ کان انڪار سبب تنسيخ ڪئي وئي آهي. جنهن جي نشاندهي، 26 جون 2018 ع ۾ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري آبپاشي کاتي جي آفيس ڪراچي ۾ ايريگيشن کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل جي صدارت ۾ آبپاشي ۽ واپڊا عملدارن جي هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي جاري ڪيل منٽس آف ميٽنگ مان عيان ٿئي ٿي. جنهن ۾ هنن لفظن سان ريڻي ڪئنال جو فيز ٻه رد ڪيو ويوآهي.

GOS( Government of Sindh), is not agreed for implementation of phase-II works as _ present. (so) phase _II woks of  Rainee Canal project is not manageable on rational grounds.

اهو ڪيڏو نه کل جوڳو ۽ افسوسناڪ عمل آهي ته سنڌ حڪومت جا وس وارا والي ۽ اربابِ اقتدار عمل جي انڌي گهوڙي تي چڙهي هن رٿا کي رڳو عنادي ۽ بغض جي بنياد تي عقلي اسباب کان رد ڪري ڄاڻايل علائقي جي ماڻهن جيڪي اڄ به 5000 پي پي. ايم وارو زهريلو پاڻي پنهنجي مال مويشي ۽ گڏهن سان گڏ پيئڻ تي مجبور آهن، تن کي ريڊ انڊين سمجهي سندن جذبن سان جٺ ڪري سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڪيو آهي. حد ته اها آهي ته اهو گريٽر ٿل ڪئنال جنهن جي مخالفت ۾ وڏو ماحول جوڙيو ويو جنهن لاءِ ارسا 5900 ڪيوسڪ واٽر الوڪيشن جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو سو ڪئنال 91 ارب جي لاڳت سان فيز ون پورو ٿيڻ بعد فيز ٻه جي تياري ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ بلوچستان لاءِ ٺهندڙ ڪڇي ڪئنال جنهن جي ته اڃا انڊينٽ به الوڪيشن نه ٿي آهي سو به تڪملي مراحل طئي ڪري رهيو آهي جنهن تي اسان جا ڪونڌر ڪڇڻ لاءِ تيار نه آهن. مگر وفاق پاران تيار ڪري ڏيڻ واري سندن ئي مسڪين ماڻهن جي ڀلي واري اسڪيم ڀانءِ نٿي پوي!!!

ڪانئر تون ڪيئن وسائي سگهندي هي مارو من باهه آهي،

هڪ پل پهرجي ڳالهه ڪونهي، صدين جي آهه آهي.