اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ريڊيو پاڪستان کي خساري مان ڪڍي ان جي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران تيار ڪيل تجويزون سامهون اچي ويون آھن، سينيٽ جي ڪاميٽي کي ريڊيو پاڪستان  جي اختيارين ٻڌايو آهي ته هر نئين  گاڏي جي رجسٽريشن ڪرائڻ وقت ريڊيو في طور  10 هزار رپيا وٺڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، اها به تجويز ڏني وئي آهي ته بجلي جي هر صارف کان بجلي  بل ذريعي هر مهيني 15 رپيا  ورتا وڃن، سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس عرفان صديقي جي صدارت ۾ ٿيو، ڊي جي ريڊيو پاڪستان چيو ته عيد کان پهريان رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ادا ڪئي  ويندي، ريڊيو پاڪستان جي ڪرائي تي ڏنل ايراضي ۽ عمارتن بابت بريفنگ ۾ هن چيو ته ريڊيو جي ڪرائي تي ڏنل عمارتن ۽ ايراضي تي ٻين کاتن ڏانهن 7 ڪروڙ 48 لک رپيا بقايا آهن، اسلام آباد ۾اسان جي هڪ پراپرٽي تي هر مهيني بجلي گيس جو بل 8 لک رپيا اچي رهيو آهي، جڏهن ته ان عمارت جو ڪرايو 2 لک وٺي رهيا آهيون، ريڊيو جا 2 پيٽرول پمپ ڏيڍ لک رپيا ماهوار ڪرائي تي ڏنل آهن، ريڊيو اختيارين چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائڻ وقت  ريڊيو في جا 10 هزار رپيا وٺڻ جي تجويز ڏني آهي، اها به تجويز ڏني آهي ته بجلي جي بل تي 15 رپيا ورتا وڃن، عرفان صديقي چيو ته بجلي جي بلن تي پيسا وٺڻ مناسب نه آهي، هر گاڏي ۾ ريڊيو آهي ماضي ۾ ريڊيو جي لائسنس فيس هوندي هئي، ريڊيو پاڪستان جي اختيارين چيو ته هر سال 2 لک 70 هزار گاڏيون رجسٽرڊ ٿين ٿيون، انهن کان 500 رپيا وٺڻ سان ساڍا 13 ڪروڙ رپيا ٿين ٿا، اسان انهن کان لائيف ٽائيم فيس وٺڻ جي تجويز ڏئي رهيا آهيون، عرفان صديقي چيو ته نئين گاڏين تي هڪ هزار ريڊيو فيس ۽ بعد ۾پنج سئو رپيا ڪري ڇڏيو.